Book Name:Be Misal Auratain

پاڪ اسان کي حلال کائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اچو! ٻڌون ٿيون ته مالِ حلال جا ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن:

حلال مال جا فائدا

  جيڪو مُسلمان پنهنجي اهل ۽ عيال کي حَلال کارائي ٿو * اهو پُرسُڪون ۽ خُوشحال زندگي گُذاري ٿو * حلال کائڻ وارن جو ماڻهن جي نظرن ۾ هڪ خاص مقام بڻجي ويندو آهي * حلال کائڻ وارن جي رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي * حلال  کائڻ وارن جا گُناھ مُعاف ڪيا ويندا آهن ۽ * حلال کائڻ وارن جون دُعائون قبول ٿينديون آهن۔ حلال کائڻ جون فضيلتون ايتري قدر گھڻيون آهن جو دل چاهي ٿي ته بس بيان ڪنديون ۽ ٻڌنديون ئي وڃون۔ اچو! ترغيب طور پنهنجي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون 4 حديث سڳوريون ٻڌون ٿيون ۽ ان تي عمل جي نِيت به ڪيون ٿيون:

1۔   ارشاد فرمايائو: جنهن چاليھ (40) ڏينهن تائين حلال کاڌو، الله پاڪ ان جي دل کي منور ڪندو ۽ ان جي زبان تي حڪمت جا چشما جاري ڪندو ۽ دنيا و آخرت ۾ ان جي رهنمائي فرمائيندو۔ (اتحاف السادۃ،کتاب الحلال والحرام ، الباب الاول، فی فضیلۃ الحلال ...الخ ، ۶ / ۴۵۰)

2۔   جنهن شخص حلال مال ڪمايو پوءِ ان کي پاڻ کاڌو يا ان ڪمائي مان لباس پاتو ۽ پاڻ کان علاوه الله تعاليٰ جي ٻي مخلوق (جيئن پنهنجي اهل و عيال ۽ ٻين ماڻهن) کي کارايو ۽ پارايو ته ان جو اِهو عمل ان جي لاءِ برڪت ۽ پاڪيزگي آهي۔ (ابن حبان،کتاب الرضاع، باب النفقۃ،۴/۲۱۸، حدیث : ۴۲۲۲)

3۔   هڪ شخص نبي ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڀرسان لنگهيو ته صحابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان ان جي ڦرتيليءَ ۽ چستي کي ڏٺو ته عرض ڪيو: يا رَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪاش! ان جو هي حال الله پاڪ جي راھ ۾ هجي ها۔ ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪڏهن هي شخص پنهنجي ننڍن ٻارن جي لاءِ رزق جي تلاش ۾ نڪتو آهي ته هي الله پاڪ جي راھ ۾