Book Name:Be Misal Auratain

واقعو ٻڌون ٿا:

دامن جو ڌاڳو

هند جي مشهور شهر دهلي ۾ هڪ ڀيري سخت ڏڪار پيو، ماڻهن جي گهڻين دعائن جي باوجود بارش نه ٿي۔ سلسله چشتيه نظاميه جي باني ۽ عظيم پيشوا ۽ ولي ڪامل حضرت سيد محمد نظامُ الدّين اولياء رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جن پنهنجي امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جي ڪپڙي جو هڪ ڌاڳو هٿ ۾ کڻي عرض ڪيو؛ يا الله! هي اُن عورت جي دامن جو ڌاڳو آهي جنهن (عورت) تي ڪڏهن ڪنهن نامَحرم جي نظر نه پئي، منهنجا مولا! انهيءَ جي صدقي رحمت جو مينهن وساءِ! اڃان دعا ختم به نه ٿي هئي جو رحمت جا ڪَڪَر ڇائنجي ويا ۽ ڇما ڇم برسات شروع ٿي وئي۔ (اخبار الاخیارص۲۹۴)

یہی مائیں ہیں جن کی گود میں اسلام پلتا تھا

حَیا سے ان کی انساں نور کے سانچے میں ڈھلتا تھا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دين تي عمل جا فائدا

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  * اهو آهي ڪردار، اها آهي شريعت جي تابعداري، * اها آهي شريعت جي پاسداري، * اهو آهي دين تي عمل، * اهو آهي تقويٰ ۽ الله پاڪ جو ڊپ، * اهو آهي احڪامِ اسلام کي پاڻ تي نافذ ڪرڻ، * اها آهي دين جي ڪمال اطاعت، * اهو آهي پاڻ کي لڪائڻ، * اها آهي پردي جي پاسداري ، * ان کي چئبو آهي عفت و پاڪيزگي، * ان کي چئبو آهي ڪردار جي مضبوطي، * ان کي چئبو آهي ايمان جي مضبوطي، * ان کي چئبو آهي پاڪدامني۔

          غور ته ڪريو! ڪيتري وڏي ڳالھ آهي ته هڪ خاتون شريعت ۽ دين جي تابعداري سان گڏ هن حال ۾ زندگي گذاري جو ان تي ڪڏهن ڪنهن نامحرم جي نگاھ تائين نه پئي هجي۔ جڏهن ڪردار ايترو ڀلو هجي، جڏهن عمل ۾