Book Name:Be Misal Auratain

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪا الله پاڪ کان ڊڄڻ واري هوندي، جيڪا ان جي نافرماني کان بچڻ واري هوندي، جيڪا ان جي احڪامن تي عمل ڪرڻ واري هوندي، حقيقي معني ۾ تقويٰ جي نور سان جنهن جو باطن منور هوندو، انهيء جو معمول هوندو جو هر قدم کڻڻ کان پهريان دين ۽ اسلام جي تعليمات ڏانهن توجھ ڏيندي هوندي، عاشقانِ رسول، عالمن ۽ مفتيانِ ڪرام کان رهنمائي وٺندو ۽ جيئن دين چوندو، انهيء تي اهو عمل ڪندو هوندو۔ الله پاڪ اسان کي به دين تي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔   اَمِيرِ اهلسنّت ڪيتري پياري دعا ڪن ٿا:

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت                   ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی!

میں پڑھتا رہوں سنتیں، وقت ہی پر                     ہوں سارے نوافل ادا یاالٰہی!

ہو اخلاق اچھا ہو کردار ستھرا                               مجھے متقی تُو بنا یاالٰہی!

(وسائلِ بخشش مرمّم، ص۱۰۲، ۱۰۴)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                       صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسين بي مثال عورتن جي بي مثال زندگين جي ڪجھ پهلوئن بابت ٻڌي رهيون هيوسين، هينئر اسان صحابيهءِ رسول حضرت بي بي ام سُليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها جي متعلق ٻڌو۔ اچو! تقويٰ، پرهيزگاري ۽ خوفِ خدا سان معمور هڪ ٻي بي مثال خاتون جو واقعو ٻڌون ٿيون، جنهن سان اسان کي اندازو ٿيندو ته اڳوڻي دور جون عورتون ڪهڙيون هيون، انهن جي سوچ ڪهڙي هئي۔

خليفي جي اهليه(گهرواري) جا زيورات

          حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي گھرواريء حضرت بي بي فاطمه رَحْمَةُ