Book Name:Be Misal Auratain

(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس * ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  تاريخِ اسلام ۾ بي مثال عورتن جو تذڪرو ملي ٿو، انهن ۾ صحابيات پڻ گذريون آهن ۽ انهن کان فيض وٺندڙ ڪيئي صالحات (نيڪ عورتون) به گذريون آهن۔ انهن بي مثال عورتن جو ڪردار پڻ بي مثال رهيو آهي، اڄ جي بيان ۾ اسان انهن بي مثال عورتن جي سيرت ۽ ڪردار جا مختلف پهلو ۽ واقعا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪندايوسين۔ هن ضمن ۾ حلال کائڻ کارائڻ ۽ حرام کان بچڻ جون فضيلتون ٻڌنديوسين۔ اهو به ٻڌنديوسين ته دين تي عمل جا ڪهڙا فائدا آهن ۽ اصل ڪاميابي ڇا آهي، بيان جي آخر ۾ حضرت امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي خاندانِ عالي جي نهايت ئي نيڪ، عبادت گذار، عظيم وَلِياڻي حضرت نفيسه جو ذڪرِ خير به ڪيو ويندو،