Book Name:Be Misal Auratain

تي ٿي رهيو آهي۔ الامان والحفيظ۔ الله پاڪ مسلمانن کي هدايت ڏئي۔

ترقي ۽ ڪاميابي ڇا آهي؟

          جڏهن ته ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته الله پاڪ ۽ ان جي رسول کي ناراض ڪيو وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته الله پاڪ ۽ ان جي رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نافرماني ڪئي وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته ناجائز و حرام ڪمن جو ارتڪاب ڪيو وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته غير مسلمن جا طور طريقا اپنايا وڃن، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته دين جي احڪامن جو سرِ عام مذاق اڏايو وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته بي حيائي ۽ بي شرمي کي فروغ ڏنو وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته گناهن جي فروغ جا سبب پيدا ڪيا وڃن، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته مغرب جي انڌي ۽ اونداهه تهذيب کي سيني سان لڳايو وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته اسلام جي روشن ۽ سٺي تعليمات کي وساريو وڃي۔ بلڪ هڪ مسلمان جي لاءِ حقيقي ترقي ۽ حقيقي ڪاميابي ڇا ٿي سگھي ٿي ۽ ڇا هئڻ گھرجي؟ اچو! قرآنِ پاڪ کان ٻڌون ٿيون ته ترقي ۽ ڪاميابي ڇا آهي۔ جيئن الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

فَمَنْ  زُحْزِحَ  عَنِ  النَّارِ  وَ  اُدْخِلَ  الْجَنَّةَ  فَقَدْ  فَازَؕ- (پ۴،آل عمران:۱۸۵)

ترجَمو ڪنز الايمان: جيڪو باھ کان بچائي بهشت ۾ داخل ڪيو ويو سو مراد کي پهتو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  معلوم ٿيو ته حقيقي ڪاميابي اها آهي ته ٻانهو پاڻ کي جهنم کان نجات ڏياري جنت ۾ داخل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي۔

(تفسیر صراط الجنان،پ۴،آل عمران، تحت الآیۃ ۱۸۵، ۲/۱۱۲)

هاڻي اسان کي گھرجي ته اسان هن ڪاميابي کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪريون، پنهنجي گھر وارن جو ذهن بڻايون ۽ انهن کي هن پاسي مائل ڪريون۔ پنهنجي گھر جي مردن کي نيڪي جي دعوت  ۽ انهن کي حڪمتِ عملي سان دين جي احڪامن تي هلڻ جي ترغيب ڏيون۔ الله پاڪ اسان کي دين تي عمل جي توفيق