Book Name:Be Misal Auratain

کائينديون هيون۔ (تنویر الازہار مترجم،۲/۱۸۹ملخصا) * حضرت نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جي باري ۾ منقول آهي ته انهن پنهنجي گھر ۾ پنهنجي قبر کوٽي هئي ۽ ان ۾ ڪثرت سان نماز پڙھنديون هيون، هڪ روايت ۾ آهي ته ان قبر ۾ انهن ٻه هزار ڀيرا قرآنِ پاڪ جو ختم ڪيو هو۔ * حضرت نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها پهرين رجب جو بيمار ٿيون ۽ رمضان شريف جي مهيني تائين بيمار رهيون۔ رمضان ۾ جڏهن مرض ۾ تيزي آئي ته پاڻ کي مشورو ڏنو ويو ته اڄ روزو ٽوڙي ڇڏيو ته پاڻ جواب ڏنو: ٽيھ (30) سالن کان مان اها دعا گھري رهي هيس ته جڏهن موت اچي ته ان وقت منهنجو روزو هجي ۽ هاڻي جڏهن اها خواهش پوري ٿيڻ تي آهي ته مان روزو ڇو ٽوڙيان؟ اهو فرمائي سيده نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها قرآن ڪريم جي تلاوت فرمائڻ لڳيون ۽ تلاوت ڪندي ڪندي پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها دارِ فاني کان دارِ باقي ڏانهن انتقال ڪري ويون۔ (تنویرالازہارمترجم،۲/۱۹۸ ملخصا) * حضرت نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جي ڀائٽيءَ جو بيان آهي ته سيده نفيسه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جنهن مصلي تي نمازون پڙھنديون هيون ان سان گڏ هڪ ٽوڪري هئي، جڏهن اهي ڪنهن شيء جي خواهش ڪنديون هيون اها شيء ٽوڪري ۾ خود بخود ملي ويندي هئي، مان انهن وٽ اهڙيون شيون ڏسندي هيس جيڪي منهنجي وهم و گمان ۾ به نه هونديون هيون، مون کي خبر ناهي  ته اهي ڪير آڻيندو هو۔ هڪ ڀيري مون انهن سان حيرت جو اظهار ڪيو ته فرمائڻ لڳيون: زينب! جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪرڻ لڳي وڃي، دنيا ان جي هٿ ۾ هوندي آهي، ۽ ان جي فرمان جي تابع ٿي ويندي آهي۔ (تنویر الازہارمترجم، ۲/۱۸۹ ملخصا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

عمل جو جذبو پيدا ڪريو!

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  حضرت بي بي نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جي هن مختصر سيرت ۾ اسان جي لاءِ عبرت جا ڪيئي درس آهن، اهي  ڏينهن رات عبادت ۾ مگن رهنديون هيون، اسان کي به ان مان عبرت وٺندي عبادت جي ڪثرت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ گھڻو نه به ٿئي ته گھٽ ۾ گھٽ پنج