Book Name:Be Misal Auratain

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  اچو! مهمان نوازي جون سُنتون ۽ آداب ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون۔ پهريان (3) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو۔ (1) جيڪو شخص (قدرت باوُجُود) مهمان نوازي نٿو ڪري ان ۾ ڀلائي ناهي۔ (مُسند امام احمد ، مسند الشامیین۶/ ۱۴۲،حدیث: ۱۷۴۲۴) (2) انسان جي ڪم عقلي آهي جو هو پنهنجي مهمان کان خدمت وٺي۔ (جامع صغیر،ص۲۸۸،حدیث :۴۶۸۶) (3) سنّت هي آهي ته مهمان کي دروازي تائين رخصت ڪرڻ وڃجي۔ (ابن ماجہ،کتاب الاطعمہ، باب الضیافۃ،۴/۵۲، حدیث: ۳۳۵۸) * مهمان کي گھرجي ته پنهنجي ميزبان جي مصروفيتن جو لحاظ رکي۔ * صَدرُالشّريعه حضرت مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيه فرمائن ٿا: مهمان لاءِ چار ڳالهيون ضَروري آهن: (۱) جتي ويهاريو وڃي اتي ويهي۔ (۲) جيڪو ڪجھ ان جي اڳيان پيش ڪيو وڃي ان تي خوش ٿئي، (ائين نه ٿئي جو چوڻ لڳي: هن کان سٺو ته مان پنهنجي ئي گھر کاوان ٿو يا اهڙي قسم جا ٻيا لفظ)۔ (۳) ميزبان کان اجازت وٺڻ بِغير اتان نه اٿي ۽ (۴) جڏهن اتان کان وڃي ته ان جي لاءِ دُعا ڪري۔ (فتاوی ھندیہ، کتاب الکراہیہ، باب ثانی عشر ۔۔الخ، ۵/۳۴۴) * گھر يا کاڌي وغيره جي مُعاملات ۾ ڪنهن قسم جي تنقيد نه ڪري، نه ئي ڪوڙي ساراھ۔ ميزبان به مهمان کي ڪوڙ جي خطري ۾ وجھندڙ سُوال نه ڪري مثال طور هيئن چوڻ اسان جو کاڌو ڪيئن هو؟ اوهان کي پسند آيو يا نه؟ اهڙن موقعن تي جيڪڏهن نه پسند هئڻ جي باوُجُود مِهمان مُرَوَّت ۾ کاڌي جي ڪوڙي تعريف ڪندو ته گنهگار ٿيندو۔ اهڙي قسم جو سُوال به نه ڪري ته ”اوهان پيٽ ڀري کاڌو يا نه؟“ ڇوته اتي به جواب ۾ ڪوڙ جو انديشو آهي ڇوته گهٽ کائڻ جي عادت يا پرهيزي يا ڪنهن به مجبوري تحت گھٽ کائڻ جي باوُجُود اصرار ۽ تڪرار کان بچڻ جي لاءِ مِهمان کي چوڻ پئجي وڃي ته ”مون گھڻو کاڌو آهي۔“ * ميزبان کي گھرجي ته مهمان کي وقت بوقت چوي ته ”اڃا کائو“ پر ان تي اِصرار نه ڪري۔ (فتاوی ھندیہ، کتاب الکراہیہ، باب ثانی عشر ۔۔الخ، ۵/۳۴۴) ڪٿي اِصرار جي ڪري ايترو وڌيڪ نه کاڌو