Book Name:Be Misal Auratain

هوندو ان جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو، اهڙي ماحول ۾ جڏهن حضرت بي بي اُمِّ سُلَيم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها کي حضرت ابو طلحه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي صورت ۾ هڪ مضبوط سهارو ملي رهيو هو، جيڪي مالدار هئا، پنهنجي دور جي معزز ماڻهن ۾ شامل هئا، عزت ۽ شان وشوڪت جا مالڪ هئا، جڏهن انهن نڪاح جو پيغام موڪليو ته حضرت بي بي اُم سُليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها خوش ٿيڻ بدران، پنهنجي قسمت تي ناز ڪرڻ بدران، حضرت ابو طلحه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي مال و دولت ڏانهن توجھ ڏيڻ بدران ۽ پنهنجي مستقبل جا سٺا سٺا خواب ڏسڻ بدران دين ۽ اسلام جي دعوت ڏيڻ کي سڀني تي ترجيح ڏني، اسلام جي خدمت ڪرڻ کي انهن ترجيح ڏني، نيڪي جي دعوت ڏيڻ کي انهن ترجيح ڏني ۽ پنهنجي هن عمل سان انهن اهو ٻڌائي ڇڏيو ته دين جي محبت، دين جو پيار، دين جي خدمت جي سوچ، نيڪي جي دعوت کي ترجيح ڏيڻ جو جذبو ۽ دين جي تبليغ جو جذبو گھڻو اهم آهي۔ هن مان اندازو لڳايو ته انهن کي دين سان ڪيترو پيار هو، هوءَ پنهنجي ذات بابت چڱائين ۾ به دين کي پهرين نمبر تي رکنديون هيون۔ هن مان اسان کي سوچڻ گھرجي ته اسان به پنهنجي تمام ڪمن ۾ دين کي پهريان ڏسون، * هر اهو ڪم جيڪو اسان ڪرڻ وڃي رهيون هجون، اسان کي گھرجي ته سوچيون ته هن ۾ اسان جو دين ڇا چوي ٿو؟ * پنهنجي جيڪا وک اسان وڌائڻ چاهيون ٿيون، * اسان جيڪو ڪم ڪرڻ چاهيون ٿيون، * اسان جنهن سان ملڻ چاهيون ٿيون، * جنهن سان گڏ اٿڻ چاهيون ٿيون، * جتي وڃڻ چاهيون ٿيون، * جنهن سان گڏ ويهڻ چاهيون ٿيون، * جيڪو پڙھڻ چاهيون ٿيون، * جيڪو پڙھائڻ چاهيون ٿيون، * جتي پڙهڻ چاهيون ٿيون، * جيڪو کائڻ چاهيون ٿيون، * جيڪو پائڻ چاهيون ٿيون، * جيڪو چوڻ چاهيون ٿيون،  * جيڪو ٻڌڻ چاهيون ٿيون، مطلب ته! ڪو به ڪم ڪرڻ چاهيون ٿيون، اسان کي پنهنجي دين کي پهريان ڏسڻ گھرجي ته اسان جو دين هن باري ۾ ڇا چوي ٿو؟ * اسان جو مذهب هن باري ۾ ڪهڙي رهنمائي فرمائي ٿو؟ * اسان جو پاڪ پَروَردگار هن باري ۾ ڪهڙو حڪم فرمائي ٿو؟ * اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ