Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

حديث جي لاءِ 80 هزار درهم خرچ ڪيا۔ (بستان المحدثين ،168)

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته حضرت عبدالله بن مبارڪرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه علمِ دين ۽ علمِ حديث حاصل ڪرڻ جي لاءِ 80 هزار درهم خرچ ڪيا، سندن والدِ گرامي جي علمِ دِين سان محبت، نيڪيءَ جي ڪم تي سعادت مند پٽ جي حوصله افزائي جي جذبي کي به لکين سلام۔

   هتي اسان جي لاءِ به مدني گل آهي ته! حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ايڏي وڏي رقم کي فضوليات ۾ خرچ نه ڪيو، الله پاڪ جي نافرماني وارن ڪمن ۾ خرچ نه ڪيو، بلڪ خرچ ڪيو ته علمِ دِين سکڻ ۾ خرچ ڪيو، ڇوته سندن کي اها خبر هئي ته هن خرچ تي يقيناً نفعو ئي نفعو آهي، هن ۾ نقصان جو پهلو ته آهي ئي نه۔ ان جي برخلاف اسان پنهنجو پاڻ تي غور ڪريون ته ايتري وڏي رقم جيڪڏهن اسان جي هٿ لڳي ته خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا خيال اسان جي دِلي ڪيفيت کي ئي بدلي ڇڏين۔

   افسوس صد افسوس! اڄوڪي دور ۾ ته اڪثر والدين پنهنجي ٻارن کي دنياوي تعليم ڏيارڻ جي لاءِ اعليٰ کان اعليٰ اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اڄ اسان ٽيوشن جون ڳريون فيسون ڏئي پنهنجي ٻارن کي دنياوي علوم پڙھايون ٿيون، اڄ هڪ تعداد آهي جنهن جي ٻارن کي انگلش ڳالهائڻ ۽ پڙھڻ ته اچي ٿي پر قرآن ڏسي ڪري پڙھڻ به ناهي ايندو۔ اڄ اسان جا ٻار لکين جو حساب ڪتاب ڪرڻ ۾ ته ماهر آهن پر ويچارن کي نمازن جون رڪعتون خبر نه آهن، اڄ اسان جي ٻارن کي سائنس دانن جا نالا ته اچن ٿا پر اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شهزادن جا نالا ياد نه آهن۔ اڄ اسان جي ٻارن کي انگريزن جا نالا ته اچن ٿا پر پياري آقاصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري صحابي سڳورن جا نالا نٿا اچن، اڄ اسان جي ٻارن کي ناولن ۽ ڊائجسٽن جا نالا ته اچن ٿا پر حديثِ مبارڪه جي ڪتابن جا نالا خبر نه آهن۔ اي ڪاش! اڄ جي والدين