Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

شريف سان ڀريل پيالو پيش ڪيو ويو ته پاڻ قبلي ڏانهن رخ ڪري هيءَ حديثِ مُبارڪه بيان فرمائي: مَاءُ زَمْزَمَ لِمَا شُرِبَ لَه يعني زم ز م جو پاڻي جنهن نيت سان پيتو وڃي، ان جي لاءِ ڪافي ٿيندو آهي، ان کان پوءِ پاڻ فرمايائون: اهو پاڻي مان قيامت جي اڃ ختم ڪرڻ جي لاءِ پيئان ٿو، ان کان پوءِ پاڻ زم زم شريف پيتائون۔ (صفةالصفوة،۲/۳۳۰) 

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو ته حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيتري قدر خوفِ خدا ۽ فڪرِ آخرت رکڻ وارا هئا، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ جنهن علائقي ۾ ويندا هئا اتي کوڙ ماڻهو سندن زيارت جو شرف ماڻڻ کي سعادت سمجھندا هئا، سندن بارگاھ ۾ حاضري ڏيندا هئا ۽سندن گفتگو ٻڌڻ جي لاءِ بيتاب نظر ايندا هئا،

حقيقي بادشاهه ته عبدالله بن مبارڪ آهن

      هڪ ڀيري حضرت عبدالله بنِ مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مقامِ رَقّه تشريف وٺي ويا ته ماڻهو پنهنجا جُوتا ڇڏي سندن جي پٺيان هلڻ لڳا ۽ مٽي تمام گھڻي اُڏرڻ لڳي، خليفه هارون رشيد جي ٻانهي محل جي دري مان اهو سڀ نظارو ڏسي رهي هئي، ان ٻانهيءَ پڇيو: اهي ڪير آهن؟ ته ڪنهن جواب ڏنو: اهي خُراسان جا عالمِ دين حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن، جيڪي رَقَّه آيل آهن، ماڻهو انهن کي ڏسڻ ۽ انهن جو بيان ٻڌڻ جي لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن، ان ٻانهيءَ اهو ٻڌي چيو: هارون رشيد حقيقي بادشاھ نه آهن بلڪ حقيقي بادشاھ ته حضرت عبدالله بن مبارڪ آهن، ڇوته انهن جي لاءِ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن اعلان جي ڪا ضرورت ناهي پوندي۔ (تاریخ بغداد،۱۰/ ۱۵۵)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل واقعي مان معلوم ٿيو ته اولياءُالله کي الله پاڪ ايتري ته قوت و طاقت عطا ڪئي هوندي آهي جو اهي ماڻهن جي دلين تي حڪومت ڪندا آهن، حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي به اهو