Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

اچو! سڀ کان پهريان هڪ واقعو ٻڌون ٿيون: جيئن

نوجوان کي قيد مان آزاد ڪرايو

          منقول آهي ته حضرتِ سيِّدُنا عبد الله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه راههِ خدا ۾ سفر تي ويندي هڪ خاص شهر جي ڪنهن مسافر خاني ۾ ترسندا هئا۔ جڏهن اتي ترسندا هئا ته اتي سندن سان ملڻ هڪ نوجوان ايندو هو، اهو سندن جون ضرورتون پوريون ڪندو هو ۽ ڪجھ حديثون به پڙھي وٺندو هو۔ هڪ ڀيري جڏهن پاڻ اتي پهتا ته اهو نوجوان ملڻ نه آيو۔ جڏهن ته پاڻ به جلدي ۾ هئا ان جي ڪري هليا ويا، واپسي تي وري جڏهن انهيء شهر ۾ پهتا ته ماڻهن کان ان نوجوان جي باري ۾ پڇا ڪئي ته خبر پئي ته ڪنهن جو ان تي قرض چڙھي ويو هو، قرض ڏيندڙ نوجوان کي جيل ۾ وجھرائي ڇڏيو آهي۔ پڇيائون: ان تي ڪيترو قرض آهي؟ ماڻهن ٻڌايو: ڏھ هزار درهم۔ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رات ۾ قرض ڏيڻ واري کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ ان کي ڏھ هزار درهم ڏئي قسم ڏنو ته جيستائين عبد الله زندھ آهي توهان هن جي باري ۾ ڪنهن کي نه ٻڌائجو ۽ چيائون ته صبح توهان ان نوجوان کي قيد مان آزاد ڪرائي ڇڏجو۔ ان کان پوءِ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اتان کان روانا ٿي ويا۔ نوجوان جيل مان آزاد ٿي جڏهن شهر آيو ته سندن جي خبر پئي ۽ معلوم ٿيو ته ڪالھ هتان کان روانه ٿي ويا آهن۔ اهو نوجوان انهيء وقت روانو ٿيو ۽ ٿورو اڳتي هليو پوءِ سندن سان ملاقات ٿي وئي، پاڻ فرمايائون: ڪٿي هيؤ؟ مون توهان کي مسافر خاني ۾ نه ڏٺو۔ عرض ڪيائين: حضور! قرض جي سبب قيد خاني ۾ هئس۔ فرمايائون: پوءِ توکي آزادي ڪيئن ملي؟ عرض ڪيائين: مون کي معلوم ناهي ڪنهن منهنجو قرض ادا ڪري ڇڏيو جنهن سبب مون کي رهائي ملي وئي۔ فرمايائون: اي نوجوان! خدا جو شڪر ادا ڪر، الله پاڪ ڪنهن کي تنهنجو قرض ادا ڪرڻ جي توفيق ڏئي ڇڏي هوندي۔ ان نوجوان کي هن حسن سلوڪ جي خبر ان وقت پئي جڏهن عبدالله بن مبارڪ