Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

مقام ۽ مرتبو حاصل هو، جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته ان جو بنيادي سبب سندن علم و عمل هو، سندن جي عالم سڳورن سان محبت هئي ۽ سندن دين داري هئي۔

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت عبدالله بن مبارڪرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سميت ٻين ڪيئي بزرگانِ دين جا به اهڙا واقعا ملن ٿا جن ۾ انهن جي ڪوشش هوندي هئي ته هو پنهنجو مال دينِ متين جي طالب علمن، عالمن ۽ دينِ اسلام جي سر بلندي جي لاءِ اهڙي جڳھ خرچ ڪن، جنهن جا فائدا وقتي نه هجن بلڪ آئنده اچڻ وارن کي به ان مان فائدو ٿئي۔ حضرت عبدالله بن مبارڪ جا استاد، ڪروڙين حنفين جا امام، حضرت سيدنا امامِ اعظم ابوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به عالمن ۽ مشائخن جي مالي خدمت ڪندا هئا، انهن جون ضرورتون پوريون ڪندا هئا ۽ انهن جي خدمت ۾ پنهنجو مال پيش ڪندا هئا:

امام ِاعظم ۽ عالمن ۽ مشائخ جي خدمت

          قيس بن ربيع جو بيان آهي ته امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بغداد کان کوڙ سارو مال خريد ڪري ڪوفي ۾ آڻيندا هئا ۽ ان کي مارڪيٽ ۾ وڪڻندا هئا، ان مان جيڪو منافعو ٿيندو هو ته پاڻ پنهنجي مشائخ جي لاءِ ضرورت وارو سامان خريد ڪري انهن وٽ پهچائيندا هئا پوءِ محدث سڳورن جي لاءِ انهن جي ضرورت وارو سامان خريد ڪري انهن جي گھر پهچائيندا هئا، انهن جي لاءِ کائڻ پيئڻ جون شيون، لباس سبرائي موڪليندا هئا ۽ جيڪا رقم باقي بچندي هئي ته پاڻ عالم سڳورن کي نقد ڏيندا هئا ته جيئن اهي پنهنجون  ضرورتون پوريون ڪن، گڏوگڏ اهو پيغام موڪليندا هئا ته مون پنهنجي طرفان ڪجھ ناهي موڪليو اهو سڀ الله پاڪ اوهان جي لاءِ نفعو عطا فرمايو آهي، تنهنڪري ان جي نعمتن جو شڪر ادا ڪريو، منهنجي واپاري زندگي ۾ جيتري قدر منافعو آهي، هن ۾ اوهان جو حصو آهي، مون کي ته صرف الله پاڪ اوهان جي خدمت جو سبب بڻايو آهي، ان جو رزق منهنجي هٿان اوهان وٽ پهچي رهيو آهي۔ (مناقب امام اعظم ،جز اول ، ص۲۶۲ ملخصا)