Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

گھڻو آهي ۽ ان جا فائدا به کوڙ آهن۔

دعوتِ اسلامي جا ٻه اهم شعبا

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي بزرگانِ دين جي نقشِ قدم تي هلندي دِينِ متين جي خدمت جي لاءِ 108 کان وڌيڪ شعبن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪري رهي آهي۔ جن ۾ جامعة المدينه ۽ مدرسة المدينه ٻه اهم شعبه آهن، دعوتِ اسلامي جي جامعاتُ المدينه ۽ مدارسُ المدينه ۾ جتي فيضانِ قرآن ۽ علمِ دِين عام ٿي رهيو آهي، اتي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! پڙھڻ وارن جي ذريعي بي نمازين تائين نماز جي دعوت پهچي رهي آهي، قرآنِ پاڪ جي تعليم سان ناواقف ماڻهن ۾ محبتِ قرآن عام ڪئي پئي وڃي، قرآن سکڻ سيکارڻ جو جذبو ڏنو پيو وڃي۔ اهي اُمّت جا رهنما ڪڏهن امامت جي مُصلّي جي ذريعي ته ڪڏهن منبر جي ذريعي، ڪڏهن تدريس جي منصب تي فائز رهي ته ڪڏهن تصنيف جي ميدان ۾ پنهنجي قلم جي ذريعي نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اهڙي اِداري سان تعاون ڪرڻ ڄڻ ته پنهنجي معاشري ۾ دِيني نظام جي ترقي ۽ مضبوطي جو ضامن آهي۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! مان اوهان کي ٻڌايان ٿي ته اوهان جي دعوتِ اسلامي جي هنن 2 شعبن "جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه جي ذريعي ملڪ وبيرونِ ملڪ ۾ فيضانِ علمِ دِين ۽ فيضانِ قرآن ڪيئن عام ٿي رهيو آهي، جي ها! اوهان جيڪڏهن ڌيان سان ٻڌنديون ته اوهان جي دل خوش ٿي ويندي ۽ الله چاهيو ته اهو ذهن بڻجندو ته هن ايتري وڏي ڪم ۾ مون کي به ضرور حصو شامل ڪرڻ گھرجي، مان اڃان تائين ڇو محروم آهيان، اهو به ذهن بڻايو! ته جيڪڏهن مان خود ذاتي طور تي ايترو مالي تعاون ته نٿي ڪري سگھان پر ثوابِ جاريه ڪمائڻ جي حِرص ۾ پنهنجي قريبي محرم رشتيدارن کي، سهيلين کي ۽ ٻين سڃاڻڻ وارين کي دعوتِ اسلامي جي خاص ڪري هنن ٻن شعبن سان ڀرپور مالي