Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

رمضان المبارڪ 181 هجري ۾ انتقال ٿيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي انتقال جي خبر جڏهن خليفي هارن رشيد کي پهتي ته چيائين: افسوس! عالمن جي سردار جو انتقال ٿي ويو۔ (تاريخ بغداد،۱۰ /۱۶۸ ملخصا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! عام طور تي ڏٺو ويندو آهي ته مال و دولت جي ڪثرت جي باوجود علمِ دِين ڏانهن لاڙو، علم سان لڳاءُ، اهلِ علم جي قدرداني، علم جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي راھ ۾ مال خرچ ڪرڻ، تمام گھٽ جي نصيب ۾ ايندو آهي، پر حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن خوش نصيبن مان آهن جن مال و دولت جي ڪثرت جي باوجود علمِ دِين حاصل ڪيو بلڪ پنهنجي ڪثير مال کي علم دِين حاصل ڪرڻ ۾ خرچ ڪيو، اچو! سندن علم دين جي خاطر مال خرچ ڪرڻ جي حوالي سان به ٻڌون ٿيون:

80 هزار درهم خرچ ڪري ڇڏيا

      هڪ ڀيري حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سندن والد محترم 50 هزار درهم ڏنا ۽ ارشاد فرمايو: پٽ هن جي ذريعي واپار ڪر، حضرت عبدالله بن مبارڪ انهن درهمن کي علمِ حديث حاصل ڪرڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيو، جڏهن واپس موٽيا ته والد صاحب پڇيو: انهن درهمن مان ڪهڙو ڪاروبار ڪيو ۽ ڪيترو منافعو حاصل ٿيو؟ ته حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيتريون حديثون استادن کان ٻڌي لکيون هيون، اهي تمام والدِ گرامي جي اڳيان پيش ڪندي عرض ڪيو: مون انهن درهمن مان اهڙو واپار حاصل ڪيو آهي جنهن سان ٻنهي جهانن جي ڪاميابي نصيب ٿيندي، اهو ٻڌي سندن والد صاحب گھڻا خوش ٿيا ۽ 30 هزار درهم مزيد ڏئي ارشاد فرمايائون: پٽ انهن سان پنهنجو واپار مڪمل ڪري وٺو۔ اهڙي طرح حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه علمِ