Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

        هڪ طالبِ علم جو ماهوار خرچ تقريبًا پنجيتاليھ سؤ (4500) روپيا آهي۔ جڏهن ته هڪ طالب علم جو درميانه سالانو خرچ چونجاھ هزار (54000) روپيا آهي۔ اهڙي طرح تقريباً 8 سالا درسِ نظامي جو هڪ طالب علم جو خرچ تقريباً چار لک ٻٽيھ هزار (432000) روپيا آهي۔ اوهان کي الله پاڪ جيتري وسعت ڏني آهي انهيء جي مطابق هن ۾ ضرور تعاون ڪريو۔ هڪ يا 12، 25 يا 40 شاگردن جو ماهوار يا سالانو خرچ کڻي وٺو۔ اهڙي طرح جيڪڏهن الله پاڪ اوهان کي وسعت ڏني آهي ته جامعة المدينه يا مدرسة المدينه بڻائي دعوتِ اسلامي کي ڏئي ڇڏيو۔ ٭ جيڪڏهن اهو نه ٿي سگھي ته ڪنهن جامعه يا مدرسي جو ماهوار خرچ پنهنجي ذمي وٺو۔ ٭ يا ڪنهن جامعه /مدرسي جي يوٽيلٽي بلن (مثال طور بجلي، گيس وغيره) جي ادائيگي پنهنجي ذِمي وٺو ٭ يا ڪنهن جامعه يا مدرسي جي مدني عملي (استادن ۽ قاري صاحبان وغيره) جي پگھار پنهنجي ذِمي تي وٺو ٭ جيڪڏهن اوهان جي محرمن مان ڪو سبزين، جنرل اسٽور وغيره يا ٻيو ڪو ڪاروبار ڪري ٿو ته ان کي ترغيب ڏياريو ته اهو پنهنجي قريبي ڪنهن جامعة المدينه يا رهائشي مدرسة المدينه جي سبزي وغيره پنهنجي ذِمي وٺي۔ ٭ ڪڻڪ يا اٽي جي پيشڪش ڪري۔ ٭ پنهنجي ٻني تان ڪڻڪ جو هڪ حصو مخصوص ڪري وٺي ته اهو الله پاڪ جي رِضا ۽ ثواب جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي جامعة المدينه يا مدرسة المدينه جي لاءِ پيش ڪندس۔

والدين جي لاءِ صدقهءِ جاريه

          هنن اخراجات ۾ پنهنجي مرحوم والد يا والده يا ٻنهي جي ايصالِ ثواب جي به نيت ڪري سگھجي ٿي، ماءُ پيءُ جي حياتي ۾ به ته نيڪ اولاد انهن جي خدمت جي لاءِ خرچ ڪندي ئي آهي، هاڻي جيڪڏهن اهي دنيا ۾ ناهن رهيا ته انهن جي طرفان اهائي رقم صدقهءِ جاريه جي طور تي جامعات المدينه ۾ جمع ڪرائينديون رهو۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِيۡن   بِجَاهِ   النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن   صَلَّى  اللّٰهُ  عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم