Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

اعلي حضرت جو ديني شاگردن تي خرچ جو انداز

        پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بزرگان دين جي سيرت تي عمل ڪرڻ وارا ۽ انهن جي فيضان سان مالا مال ٿيڻ وارا امامِ اهلسنت، اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه طالب علمن ۽ عالمن سان بيحد محبت ڪندا هئا، بلڪ سندن جي عادت مبارڪه به اهائي هئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه علم دين حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي خوب خرچ ڪري خوش ٿيندا هئا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه شاگردن تي تمام گھڻا شفيق ۽ ڪريم هئا، خوشين جي موقعن تي، عيد جي ڏهاڙن ۾، انهن جي لاءِ نوان نوان ڪپڙا سبرائيندا هئا ۽ قسم قسم جا کاڌا پچرائي کارائيندا هئا۔ عرب شاگردن جي لاءِ عربي کاڌو، روسي شاگردن جي لاءِ روسي کاڌو، بنگالي شاگردن جي لاءِ بنگالي کاڌو، مطلب ته جن شاگردن کي جيڪو کاڌو وڻندو هو انهن کي اهو پچرائي کارائيندا هئا ۽ کارائي خُوش ٿيندا هئا۔ (سوانح اعلي حضرت،ص۱۴۶ملخصا)

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ديني شاگردن ۽ عالمن جي خدمت ڪرڻ وارن بُزرگ سڳورن جا واقعا ٻڌي رهيون هيون سين، علم ۽ عالمن جي قدر ڪرڻ وارن ۾ حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جهڙي عظيم هستي به شامل آهي، اچو! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي علم ۽ عالمن سان محبت ۽ انهن جي خدمت جي حوالي سان ٻڌون ٿيون:  

علم جا قدردان

  حضرتِ سيدنا عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نه صرف پاڻ زبردست عالم هئا، بلڪ علم ۽ عالمن جا قَدَر دان پڻ هئا ۽ انهن جي خدمت به ڪندا هئا، جيئن ته حضرتِ سيدُنا عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تدريس و اِشاعتِ علم ۾ مشغول عالم سڳورن جي لاءِ بيتُ المال مان وڏا وظيفا مقرر ڪري انهن کي روزي جي فڪر کان آزاد ڪري ڇڏيو هو۔ حضرت سيدُنا قاسم بن مُخَيمره رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ محدث هئا،