Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

سلطان اورنگزيب عالمگير جي علم سان محبت

اهڙي طرح عادل حڪمران، سلطان اورنگزيب عالمگير اهڙي شخصيت آهن جنهن کي قدرت بي پناھ خصوصيات ۽ ڪمالات سان نوازيو هو۔ هو عالم باعمل، پرهيز گار، تهجد گذار، کوڙ علوم وفنون جا ماهر ۽ علم سان محبت ڪرڻ وارو انسان هئا۔ عالم سڳورن جا قدردان ۽ انهن سان خاص تعلق رکندا هئا، سلطان عالمگير قرآن وسنت تي عمل پيرا ٿيڻ ۾ اڳڀرا رهندا هئا۔ قرآن ڪريم سان تمام گهڻي چاهت ۽ قلبي تعلق هو جو بادشاهه ٿيڻ کان پوءِ حفظ جي سعادت حاصل ڪيائون۔ حديثِ رسول سان به معرفت جو شرف حاصل هو ۽ فقه ۾ ڪمال درجي جي مهارت هئي۔ سلطان عالمگير جي علم سان دوستي ۽ فقه سان محبت جو واضح ثبوت فقه حنفي جو مستند مجوموعو”فتاويٰ عالمگيري آهي.  جيڪو عرب ملڪن ۾ "الفتاويٰ الهنديه" جي نالي سان مشهور آهي۔ فقهءِ حنفي جي جزئيات جو اهو عظيم الشان مجموعو سلطان عالمگير ئي تيار ڪرايو ۽ اُن جو سمورو خرچ پنهنجي ذمي کنيائين.

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي به عالم سڳورن، ديني مدرسن ۽ جامعات سان مالي تعاون ڪرڻ گھرجي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوتِ اسلامي اڄ جي دور ۾ سوين جامعات ۽ هزارين مدرسن جي ذريعي دين جي خدمت ڪري رهي آهي۔ اوهان به دعوتِ اسلامي سان تعاون فرمايو۔

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                       صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ عالمن جي خدمت جي حوالي سان بيان ٻڌي رهيون هيون سين، حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عالمن سان تمام گھڻي محبت ڪندا هئا، انهن جي خدمت ڪرڻ کي پنهنجي سعادت سمجھندا هئا، انهن کي پريشانين ۽ دنياوي مصروفيتن کان آزاد رکندا هئا ته جيئن اهي فڪرِ معاش کان بي پروا ٿي بس