Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                  صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

گهر ۾ اچڻ وڃڻ جون  سنتون ۽ آداب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو اميراهلسنت جي رسالي”101 مدني گلن مان گهر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون.

 ]1[ جڏهن گهران ٻاهر نڪرو ته هي دعا پڙهو؛ بِسْمِ اللہِ تَوَکَّلْتُ عَلَی اللہِ لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللّٰہِ‘‘ ترجمو؛ الله پاڪ جي نالي سان، مون الله ڪريم تي ڀروسو ڪيو۔ الله کان سواءِ نه (گناهن کان بچڻ جي) قوت آهي ۽ نه (نيڪيون ڪرڻ جي) طاقت آهي۔ (سنن ابن داود، ج 4 ص 420 حديث 5095) اِنْ شَــآءَالـلّٰـه انهيءَ دعا کي پڙهڻ جي برڪت سان سڌي واٽ تي رهنديون مصيبتن کان حفاظت ٿيندي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي مدد شاملِ حال رهندي۔

]2[ گهر ۾ داخل ٿيڻ جي دعا؛  اَللّٰھُمَّ اِنِّیْٓ اَسْئَلُکَ خَیْرَ الْمَوْلَجِ وَخَیْرَ الْمَخْرَجِ بِسْمِ اللہِ وَلَجْنَا وَبِسْمِ اللہِ خَرَجْنَا وَعَلَی اللہِ رَبِّنَا تَوَ کَّلْنَا۔ (المرجع السابق ج 4، ص 420 حديث 5096)  دعا پڙهڻ کان پوءِ گهر وارن کي سلام ڪري پوءِ بارگاھِ رسالت ۾ سلام عرض ڪري ان کان پوءِ سوره اِخلاص شريف پڙهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه روزي ۾ برڪت، ۽ گهرو جهيڙن کان بچاءُ ٿيندو۔

]3[ پنهنجي گهر ۾ ايندي ويندي مَحارِم ۽ مَحرمات (مثال طور ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ٻارن ٻچن وغيره) کي سلام ڪريو۔