Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

کي به حضرت عبدالله بن مبارڪرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي والدِ گرامي جهڙي عظيم سوچ ۽ پنهنجي ٻارن کي دِيني تعليم ڏيارڻ جو جذبو نصيب ٿي وڃي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جيڪڏهن عمل ڪرڻ به نصيب ٿي وڃي ته اهو نُورٌ عَلٰي نُوْر آهي، علم تي عمل جي ذريعي عبادت جو ذوق و شوق وڌي ويندو آهي، علم تي عمل جي ذريعي گناهن کان بچڻ جو ذهن نصيب ٿيندو آهي، علم تي عمل جي ذريعي آخرت جو فڪر نصيب ٿيندو آهي، علم تي عمل جي ذريعي انسان کي دنيا ۾ به بلند مقام حاصل ٿي ويندو آهي، علم تي عمل سان گڏ ڪئي ويندڙ گفتگو ماڻهن جي دلين ۾ تاثير جو تِير بڻجي داخل ٿيندي آهي، علم تي عمل ڪرڻ وارن سان ماڻهو محبت ڪندا آهن ۽ انهن جون ڳالھيون ٻڌڻ جي لاءِ بيتاب رهندا آهن، حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ذاتِ گرامي ۾ الله ڪريم اهي سموريون خوبيون گڏ فرمايون هيون، علمي زندگي سان گڏ پاڻ جي عملي زندگي به ماڻهن جي لاءِ نمونو هئي، سندن زندگي خوفِ خدا ۽ فڪرِآخرت سان معمور هئي، اچو!  ترغيب جي لاءِ حضرت عبدالله بن مبارڪرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فڪرِ آخرت ۽ خوفِ خدا بابت ٻڌون ٿيون:  

خوفِ خدا

        حضرت عبدالله بن مبارڪرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو رات جي وقت عجيب و غريب حال هوندو هو۔ رات ۾ ايترو ته ڪثرت سان روئيندا هئا جو سندن ڏاڙھي مبارڪ لڙڪن سان  آلي ٿي ويندي هئي، حسد ڪندڙ اهو ڏسي چوندا هئا ته الله پاڪ انهيء سبب هن کي اسان تي فضيلت ڏني آهي۔

(صفة الصفوة،۲/۳۲۵)

آخرت جو خوف

           هڪ ڀيري مَڪي پاڪ ۾ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي زم زم