Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

]4[ بنا الله عَزَّوَجَلَّ جو نالو وٺڻ جي مثال طور بِسْمِ اللہِ چوڻ بنا جيڪو پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندو آهي، شيطان به اُن سان گڏ داخل ٿي ويندو آهي۔

]5[ جيڪڏهن اهڙي گهر (کڻي پنهنجي خالي گهر) ۾ وڃڻ ٿئي جو اُن ۾ ڪو به نه هجي ته هيئن چئو؛ اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلٰی عِبَادِ اللہِ الصّٰلِحِیْن (يعني اسان تي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن تي سلام) ملائڪ انهيءَ سلام جو جواب ڏيندا۔ (ردالمحتار ج 9 ص 682) يا هن ريت چوي؛ اَلسَّلامُ عَلَیْکَ اَیُّـھَاالنَّبِیُّ (يعني يا نبي توهان تي سلام) ڇوته حضور اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو روح مبارڪ مسلمانن جي گهرن ۾ تشريف فرما هوندو آهي۔ (شرح الشفاء للقاري ج 2 ص 118)

]6[ جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ته هيئن چئو؛ اَلسَّلامُ عَلَیْکُم ڇا مان اندر اچي سگھان ٿي؟

]7[ جيڪڏهن داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي ته خوشي سان موٽي وڃو ٿي سگھي ٿو ڪنهن مجبوري جي ڪري گهر جي مالڪ اجازت نه ڏني هجي۔

   

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

ايندڙ  هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! آئنده هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوند ”انڌيري قبر“ جنهن ۾ اسان قبر ۾ پيش اچڻ وارن معاملن بابت ٻڌنديون سين. آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي چئو:  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد