Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

جيڪي نهايت غربت واري زندگي گذاري رهيا هئا، جڏهن هو حضرتِ سيدُنا عمر بن عبد العزيز وٽ آيا ته انهن جي طرفان 90 دينار قَرض ادا ڪيائون، رهڻ لاءِ گهر ۽ هڪ خادِم ڏنائون ۽ 60 دينار وظيفو مقرر ڪيو ته جيئن هو دلجمعي سان دين جي خدمت ڪري سگھن۔ (طبقات ابن سعد، ۵/ ۲۶۹ملخصا)

 هر هڪ کي سو دينار پيش ڪريو

اميرالمؤمنين حضرتِ سيدنا عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حَمص جي گورنر کي خط لکيو ته اوهان عوام ۾ انهن ماڻهن کي تلاش ڪريو جن پاڻ کي فقه جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وَقف ڪري ڇڏيو آهي ۽ دنيا جي طَلَب کان پاسو ڪري مسجدن جي زينت بڻيل آهن، جيئن ئي منهنجو اهو خط ملي ته انهن مان هر هڪ کي بيت المال مان سؤ سؤ دينار ڏجانء ته جيئن فقه جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ انهن کي ڪا مشڪل نه ٿئي۔ (تاريخ دمشق،۴۶/۳۲۰)

حضرت عمر بن عبدالعزيز ۽ حديث جي خدمت

حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو سڀ کان وڏو ڪارنامو احاديثِ نبوي جي حفاظت ۽ اشاعت آهي۔ جيڪڏهن پاڻ هن پاسي ڌيان نه ڏين ها ته شايد حديث جي ڪتابن جو اهو ذخيرو وجود ۾ نه اچي ها جيڪو اڄ بخاري شريف، مسلم شريف، مؤطا امام مالڪ وغيره جهڙن عظيم ڪتابن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي۔

جڏهن حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڏٺو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ علمِ حديث ڄاڻڻ وارا عالم به گھٽ ٿيندا پيا وڃن جنهن جي ڪري علومِ شرعيه جي مٽجڻ جو به انديشو آهي ته سندن قاضي ابوبڪر بن حزام کي جيڪي سندن طرفان مديني جا گورنر مقرر هئا لکيو: احاديث نبويه جي ڳولها ڪري انهن کي لکي وٺو ڇوته مون کي علم جي مٽجڻ ۽ عالمن جي فنا ٿيڻ جو خوف معلوم ٿئي ٿو ۽ صرف رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حديث قبول ڪئي وڃي۔ (فتح الباري،باب