Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

خرچ ڪن۔ اچو! حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عالم سڳورن تي خرچ ڪرڻ بابت ڪجھ روايتون ٻڌون ٿيون:

(1) واپار جو مقصد ئي عالمن جي خدمت ڪرڻ آهي

      حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه خود پنهنجي باري ۾فرمائن ٿا: منهنجي واپار جو مقصد ئي عالمن، صوفين ۽ مشائخ سڳورن جي مدد ڪرڻ آهي، هڪ ڀيري پاڻ حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي فرمايائون: لَوْلَا اَنْتَ وَاَصْحَابُک مَا اتَّجَرْتُ يعني جيڪڏهن توهان ۽ توهان جا ساٿي نه هجن ها ته مان ڪڏهن واپار نه ڪيان ها۔ (صفةالصفوة،۲/۳۲۶)

(2) پنج ماڻهن جي لاءِ واپار ڪندا هئا

   حضرت حماد بن زيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪپڙي جو واپار ڪندا هئا، هڪ ڀيري انهن فرمايو: جيڪڏهن پنج (5) ماڻهو نه هجن ها ته مان واپار نه ڪيان ها۔ ڪنهن چيو: اي ابو محمد! اهي پنج (5) ماڻهو ڪير آهن؟ ته حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: (1) حضرت سفيان ثوري (2) حضرت سفيان بن عُيينه (3) حضرت فُضَيل بن عياض (4) حضرت محمد بن سماڪ ۽ (5) حضرت ابنِ عُلَيّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم۔

   منقول آهي ته حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه خراسان شهر تائين واپار جي لاءِ ويندا هئا واپار مان جيڪو نفعو ٿيندو هو ان مان پنهنجي گھروارن جو ۽ حج جو خرچ ڪڍي باقي جيڪو ڪجھ بچندو هو اهو انهن پنج (5) حضرات جي خدمت ۾ پيش ڪندا ها۔

(تاريخ بغداد، ذڪر من اسمه اسماعيل، ۳۲۷۷-اسماعيل بن ابراهيم بن مقسم۔۔۔ الخ، ۶/۲۳۴)

(3)عالمن سان مالي تعاون

      هڪ ڀيري حضرت فُضَيل بن عياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرتِ عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي چيو اوهان اسان کي ته زُهد ۽ دنيا کان بي رغبتي جو حڪم ڏيندا آهيو