Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

عَلَيۡه جي سيرت و ڪردار ۽ علماءِ ڪرام سان سندن محبت و خدمت جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيون سين۔ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي وقت جا تمام وڏا عالمِ دين، تمام وڏا شيخ ۽ صوفي بزرگ هئا۔ اچو! سندن مختصر تعارف ٻڌون ٿيون:

حضرت عبدالله بن مبارڪ جو مختصر تعارف

     ٭ سندن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو نالو عبدالله ۽ والد سڳوري جو نالو مبارڪ هو۔ ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ جي ڪنيت ابو عبدالرحمن ۽ ٭ لقب اميرالمومنين في الحديث هو۔ ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ 118 هجري ۾ پيدا ٿيا۔ (البدايه والنهايه،۱۰/۱۹۱) ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عظيمُ الشَّان محدث ۽ حضرت امامِ اعظم ابوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا سعادت مند شاگرد هئا۔ ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عبادت و رياضت ۾ تمام اعليٰ مرتبي تي فائز هئا۔ ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه خوفِ خدا، عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر هئا۔ ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُستَجَابُ الدَّعوَات هئا۔ (يعني سندن دعائون قبول ٿينديون هيون) ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام گھڻا نفاست پسند ۽ وڏا امير هئا۔ ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گھر ۾ علم و تقوٰي ڀريو ماحول هو، ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه طلبِ علم جي شوق ۾ دور دراز جي شهرن جو سفر اختيار ڪيو، ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فقه جو علم امام اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان حاصل ڪيو۔ ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديث ۽ قراءت جو علم ڪيئي استادن وٽان حاصل ڪيو۔ ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي زمانه جي رائج ٿيل اسلامي علوم و فنون جا ماهر هئا پر سندن خاص ميدان علم حديث هو۔ ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سٺي اخلاق جا مالڪ هئا، ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عبادت ورياضت جا عادي هئا، ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زندگي صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي زندگي جو نمونو هئي۔ ٭ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو 13