Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

ڪيف يقبض العلم،۲/۱۷۶) اهو حڪم حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سمورن صوبن جي گورنرن وٽ موڪليو۔ بهرحال هن حڪم جي تعميل ڪئي وئي ۽ جمع شده احاديث جي متعلق مجموعه تيار ڪرائي تمام ماتحت ملڪن ۾ ورهايا ويا۔

خليفو هارون رشيد ۽ عالمن سان محبت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اهڙي طرح خليفه هارون رشيد جي باري ۾ اچي ٿو ته اهي به علم سان محبت ڪندا هئا۔ درٻار ۾ عالمن جو مجموعو هر وقت لڳل رهندو هو۔ پاڻ امام اعظم جي شاگرد، حضرت امام ابو يوسف رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي پاڻ سان گڏ رکندا هئا ۽ انهن کان شرعي رهنمائي وٺندا هئا، ايستائين جو امام ابو يوسفرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي قاضي مقرر ڪري ڇڏيو۔

علم جي عزت

 هڪ ڀيري هارون رشيد حضرت ابو معاويه عزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دعوت ڪئي۔ اهي اکين سان معذور هئا۔ جڏهن هٿ ڌوئڻ جا ٿانوَ آندا ويا ته خليفي هارون رشيد خادمن کان ٿانوَ وٺي خود انهن جا هٿ ڌوئرائيندي چيائون: اوهان کي خبر آهي ته اوهان جي هٿن تي پاڻي ڪير وجھي رهيو آهي؟ چيائون: نه۔ چيائين: هارون۔ (اُنهن) چيو جھڙي اوهان علم جي عزت ڪئي اهڙي الله پاڪ اوهان کي عزت ڏئي۔ هارون رشيد چيو: هن ئي دُعا کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهو ڪيو هيم۔ (تاريخ بغداد، ذڪر من اسمه ھارون ، ج۱۴، ص۹)

عالم سڳورن جو احترام

 خليفي هارون رشيد جي درٻار ۾ جڏهن ڪو عالِم تشريف فرما ٿيندو هو ته بادشاھ اُن جي تعظيم جي لاءِ بلڪل سڌو بيهي رهندو هو۔ هڪ ڀيري درٻارين عرض ڪيو: اميرَ المؤمنين (ائين ڪرڻ سان) سلطنت جو رعب ختم ٿي ويندو آهي۔ جواب ڏنائين: جيڪڏهن عالم سڳورن جي تعظيم سان سلطنت جو رعب وڃي ٿو ته وڃڻ جي ئي قابل آهي۔ (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت)