Book Name:Hazrt e Abduallah Bin Mubbarak Or Ulama ki Khidmat

دينِ متين جي خدمت ڪن، جيئن

          هڪ ڀيري حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي ڪنهن اعتراض ڪيو ته اوهان ٻين شهرن ۾ وڃي مال خرچ ڪريو ٿا ۽ پنهنجي شهر وارن تي خرچ نٿا ڪيو، ته حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: مان هڪ اهڙي قوم جي مقام و مرتبي سان واقف آهيان جيڪي حديثِ رسول جي طلب ۾ اخلاص ۽ سٺي نيت سان مشغول آهن ان ڪري اسان کي انهن جي خدمت ڪرڻ گھرجي، جيڪڏهن اسان انهن سان تعاون ڪنداسين ته هو آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمت جي لاءِ علم پکيڙيندا ۽ نبوت کان پوءِ علمِ دين ڦهلائڻ کان وڌيڪ افضل شيء منهنجي ويجھو ڪا به نه آهي۔

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هن واقعي ۾ اسان جي لاء به نصيحت جا مدني گل آهن ۽ ڪيتري پياري انداز سان اسان جي رهنمائي به ڪئي پئي وڃي ته اسان پنهنجو مال الله پاڪ جي راھ ۾ ڪهڙي انداز سان خرچ ڪريون ته جيئن ثواب به ملي ۽ اُمّتِ مُسلمه جي خيرخواهي به ٿئي۔

   ڪنهن جي عالمِ دِين، مُفتي اسلام بڻجڻ ۾ جيڪڏهن اسان جو مالي حصّو به شامل ٿي وڃي ته ان جا فائدا به کوڙ آهن ۽ گھڻي دير تائين رهڻ وارا به آهن۔ بلڪ جيڪڏهن ان کي ثوابِ جاريه چيو وڃي ته به دُرست ٿيندو۔ غور ڪريو! بالفرض اسان جي ڏنل مال مان هڪ عالمِ دين بڻجي ويو ته ان جي عالم بڻجڻ جو ثواب اسان کي ملندو، اهو تيار ٿيندڙ عالم جنهن جنهن کي علمِ دِين سيکاريندو، پڙھائيندو، ان جو ثواب به اسان کي ملندو، جيڪو ان کان ٻڌي عمل ڪندو، ان جو ثواب به اسان کي ملندو۔ هو اڳتي جنهن جنهن کي ٻڌائيندو ته ان جو ثواب به اسان کي ملندو، مطلب ته! الله چاهيو ته پوءِ اسان جي لاءِ ثواب جو نه رڪڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويندو۔ معلوم ٿيو ته دِين جي لاءِ عالمن تي خرچ ڪرڻ جو ثواب به تمام