Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

لڳائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

الٰہی! رونقِ اسلام کے سامان پیدا کر      دِلوں میں مومنوں کے الفتِ قرآن پیدا کر

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

(3):قرآن تي عمل ڪرڻ

قرآنِ شريف جو ٽيون حق آهي: اَلتَّاَدُّب بِآدَابِہٖ وَالتَّخَلُّق بِاَخْلَاقِہٖيعني قرآنِ مجيد جي بيان ڪيل زندگي جي آدابن کي اپنائڻ ۽ قرآن جي ٻڌايل اخلاق کي پنهنجي ڪردار جو حصو بنائڻ۔

سيپاري 8، سوره اَنْعَام، آيت: 155 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ هٰذَا كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ مُبٰرَكٌ فَاتَّبِعُوْهُ  (پاره8،سورةالانعام:155)              

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ هيءُ برڪت وارو ڪتاب نازل ڪيوسي پوءِ ان جي پيروي ڪريو.

خبر پئي ته قرآنِ مجيد جو اَهم ۽ بنيادي حق ان تي عمل ڪرڻ، ان جي ڪامِل اِتِّباع ۽ پيروي ڪرڻ، ان جي ٻڌايل انداز مطابق زِندگي گذارڻ آهي۔ قرآنِ مجيد ڪتابِ هدايت آهي، بيشڪ ان کي ڏسڻ به عبادت آهي، ان کي هٿ لڳائڻ به عبادت آهي، ان جي تلاوت ڪرڻ به عبادت آهي پر ان جي باوُجُود جيستائين ان تي عمل نه ڪيو وڃي ان وقت تائين ڪما حَقُّه هدايت نصيب نه ٿي سگھندي، بلڪ الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڪيئي قرآن پڙھڻ وارا اهڙا آهن جو انهن تي قرآن لعنت ڪري ٿو۔ (المدخل لابن الحاج، بیان: فضل تلاوۃ القران، جلد:1، صفحہ:85)

عالم سڳورن هن حديثِ پاڪ جي هڪ معني اها به لکي آهي ته هن مان مُراد اهو شخص آهي جيڪو قرآنِ ڪريم جي تلاوت ته ڪري ٿو پر ان تي عمل نه ٿو ڪري۔ اسان پاڻ ٿورو غور ڪيون: * هڪ شخص قرآنِ پاڪ جي تِلاوت