Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

رهنما مڃون ۽ هن مان هدايت جو نُور حاصِل ڪريون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي توفيق عطا فرمائي۔  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

(2): قرآنِ ڪريم جي محبت وتعظيم

قرآنِ مجيد جو ٻيو حق آهي: هن سان محبت ڪرڻ ۽ دِل سان هن جي تعظيم ڪرڻ۔

الحمد لله! قرآنِ مجيد سان محبت ڪرڻ ”سُنَّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ“ آهي۔ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قرآنِ مجيد سان تمام گھڻي محبت ڪندا هئا، هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي گھر مبارڪ ۾ تشريف فرما هئا، ڪنهن ٻڌايو ته ڪو شخص تمام خوبصُورت آواز ۾ قرآنِ مجيد جي تِلاوت ڪري رهيو آهي، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اٿيا ۽ ٻاهر تشريف وٺي ويا ۽ دير تائين تِلاوت ٻُڌندا رهيا، پوءِ واپس موٽيا ته فرمايائون: اهو ابوحذيفه جو غُلام سالم آهي، تمام ساراھ الله پاڪ جي لاءِ آهي جنهن منهنجي اُمَّت ۾ اهڙو شخص پيدا فرمايو۔ (ابن ماجہ، کتاب:اقامۃ الصلاۃ، صفحہ:216، حدیث:1338)

   هڪ ڀيري رات جي وقت رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهما کي ساڻ ڪري حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ تشريف فرما ٿيا، حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه ان وقت قرآنِ شريف جي تلاوت ڪري رهيا هئا، پيارا آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دير تائين بيهي سندن تلاوت ٻڌندا رهيا، پوءِ فرمايائون: جيڪو شخص قرآنِ ڪريم کي اهڙي طرح پڙھڻ چاهي ٿو جيئن نازِل ٿيو آهي ته اهو اِبنِ اُمِّ عَبد جيان قراءَت ڪري (اِبْنِ اُمِّ عبد حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ڪنيت آهي)۔ (ابن ماجہ،فضل عبد اللہ بن مسعود، صفحہ:36، حدیث:138) هڪ ڏينهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه کي فرمايو: عبدالله! مون کي قرآن ٻُڌايو! حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڇا مان ٻڌايان؟ جڏهن ته