Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

دعوتِ اسلامي سان مالي تعاون ڪريو۔

پيارا اسلامي ڀائرو! حديثِ پاڪ ۾ آهي: * جيڪو الله پاڪ جي رضا جي خاطِر صَدَقو ڪري ته اهو صدقو ان جي ۽ باھ جي وچ ۾ اوٽ بڻجي ويندو آهي۔ (معجم كبير، ١٠/٤٠٩ ،حديث:٢٠٥٨٤) * هڪ حديث شريف ۾ ارشاد آهي ته صَدَقو الله پاڪ جي غَضَب کي وسائي ٿو ۽ بُري موت کي دَفْعَ (يعني پري) ڪري ٿو۔ (ترمذى، کتاب الزكوٰة، ص١٨٩،حديث:٦٦٤)

عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي دِيني ڪمن جي لاءِ به ضرور حِصو ڪڍو۔ الحمدلله! دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ دين جو پيغام عام ڪرڻ، تعليمِ قرآن عام ڪرڻ ۽ سُنتن کي ڦهلائڻ ۾ مَصْرُوفِ عمل79شعبن (Departments) ۾ دِين جو ڪم ڪري رهي آهي * ملڪ ۽ ٻاهرين مُلڪ تقريباً 4 هزار339 مدارِسُ المدينه قائِم آهن، جن ۾ ڪم وبيش 2 لک 464 ٻار ۽ ٻارڙيون قرآنِ ڪريم حِفظ ۽ ناظره جي تعليم حاصِل ڪري رهيون آهن ۽ اهي ٻار ۽ ٻارڙيون (Boys & Girls) جيڪي مدرسة المدينه مان حِفظ يا ناظِره قرآنِ ڪريم پڙھي چڪيون آهن، انهن جو مجموعي تعداد تقريباً :3 لک، 86 هزار 354 تائين پهچي چڪو آهي * اهڙي طرح ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ 897 جامعاتُ المدينه قائِم آهن، جن ۾ تقريباً 64 هزار 963 شاگرد ۽ شاگردياڻيون (Boys & Girls) دَرسِ نظامي يعني عالِم/عالمه ڪورس ڪرڻ جي سعادت حاصِل ڪري رهيون آهن ۽ اهي شاگرد ۽ شاگردياڻيون (Boys & Girls) جيڪي دَرسِ نظامي مڪمل ڪري فارغ ٿي چڪا آهن ان جو مجموعي تعداد تقريباً: 13 هزار 455 آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجنَّة جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت