Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

زِندگي ڪنهن جي آهي؟ يقيناً هڪ مسلمان اهو ئي جواب ڏيندو ته هن دُنيا ۾ سڀ کان ڪامِل ۽ اڪمل زِندگي مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبَارَڪ زندگي آهي۔ حُضُور جانِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زِندگي مبارڪ ڪهڙي هئي؟ اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها 3 لفظن ۾ ٻڌائي ڇڏيو: کَانَ خُلْقُہُ الْقُرْآن مصطفيٰ جانِ رَحْمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مُبَارَڪ اخلاق قرآن وارا هئا۔ (المعجم الاوسط، صفحہ:34، حدیث:72)

ڄڻ پاڻ اهو فرمائي رهيون آهن ته قرآنِ ڪريم کي پڙھڻ شروع ڪيو، قرآنِ مجيد جيڪي جيڪي اخلاق ۽ آداب بيان فرمائيندو ويندو انهن سڀني جو عملي نمونو توهان کي مصطفيٰ ڪريم، رَءُوْفُ الرَّحِيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زندگي ۾ نظر ايندو۔

خبر پئي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي زِندگي کي خوبصُورت، سٺو ۽ ڪامِل ۽ اڪمل بنائڻ چاهيون ٿا ته هن جو هڪ طريقو آهي، زِندگي گذارڻ جا اُصُول قرآنِ مجيد مان سکندا وڃون ۽ اُنهن تي عمل ڪرڻ جو انداز سُنَّتِ مصطفيٰ مان سکندا وڃون ۽ انهن تي عمل ڪندا وڃون، اِنْ شَآءَ الله! اسان جي زِندگي چڱي، خوبصورت، بهترين ۽ ڪامِل ۽ اڪمل ٿي ويندي.

اَزْ یَکْ آئین مُسَلْمَان زِنْدَہ اَسْت                                                                                   پَیْکَرِ مِلَّت زِ قُرآن زِنْدَہ اَسْت

ترجمہ: اِسْلام اور مسلمان صِرْف ایک ہی قانون سے زِندہ رہتے ہیں اور اس قانون کا نام قرآن ہے۔

 

الله پاڪ اسان سڀني کي قرآنِ ڪريم تي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

(4)  قرآنِ مجيد جو چوٿون حق: ان جي تلاوت ڪرڻ

   قرآنِ مجيد جو چوٿون حق آهي: ان جي تِلاوت ڪرڻ۔ اهو به اسان جي سماج جو وڏو اَلميو آهي ته اسان تِلاوت نٿا ڪيون، ڪيترا حافظ سڳورا اهڙا آهن