Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

قرآن اوهان تي نازِل ٿيو آهي؟ فرمايائون: هائو۔ حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه سُورَه نِسَآء جي تلاوت ڪئي، رسولِ رَحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قرآن ٻڌندا رهيا ۽ سندن مبارڪ اکين مان لڙڪ وهندا رهيا۔ (بُخاری، کتاب:التفسیر، صفحہ:1138، حدیث:4582)

قاضِي عياض مالڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه شِفَا شريف ۾ ”عشق مصطفيٰ“ جي نشانين جو شُمار ڪيو ته انهن ۾ هڪ نشاني ”محبتِ قرآن“ لکي آهي، جيڪو شخص قرآن سان محبت ڪري ٿو، اهو رسولِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان به محبت ڪري ٿو۔ حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جيڪو اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته ان جي دِل ۾ الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت آهي يا نه، اهو ڏسي ته قرآنِ مجيد سان محبت ڪري ٿو يا نه؟ جيڪڏهن ان جي دِل ۾ قرآنِ مجيد جي محبت آهي ته سمجھي وٺي ته هو الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪري ٿو۔ (کِتَابُ الشِّفَا،جزء:2، صفحہ:24)

سلطان محمودغزنوي ۽ احترامِ قرآن

منقول آهي، سلطان محمود غزنوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي وفات کان پوءِ ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇا ڪئي: الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو مُعَامَلو فرمايو؟ سلطان محمود غزنوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: هڪ ڀيري مان ڪنهن وٽ مهمان طور ترسيل هيس، جنهن ڪمري ۾ مون کي رهايو ويو، اتي پيراندي واري پاسي طاق ۾ قرآنِ مجيد رکيل هو، مون سوچيو ته قرآنِ مجيد کي ٻاهر ڪنهن جاءِ تي رکان، وري خيال آيو ته مان پنهنجي آرام جي خاطر قرآنِ مجيد کي ٻاهر ڇو رکان؟ بس اهو سوچي مون قرآنِ مجيد جي تعظيم ڪئي ۽ سڄي رات ويٺو رهيس ۽ ان پاسي پير نه ڪيا، بس انهيء سبب مون کي الله پاڪ بخشي ڇڏيو آهي۔ (دليل العارفين، مجلس:5، صفحہ:50)

الله پاڪ اسان کي قرآنِ مجيد جي بي پناھ محبت عطا فرمائي ۽ ان جي عِزَّت ڪرڻ، ان جي تعظيم ڪرڻ، ادب سان چُمڻ، اکين تي لڳائڻ، سيني سان