Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه آيت ٻُڌندي ئي فرمايو: مون پنهنجو غُصّو پي ورتو۔ ٻانهيء انهيء آيت جو اڳيون حصو پڙھيو:

وَ  الْعَافِیْنَ  عَنِ  النَّاسِؕ-  (پاره4،سورةال عمران:134)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ ماڻهن کي معاف ڪرڻ وارا

امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: مون رضاءِ الٰهي جي لاءِ توکي معاف ڪيو۔ ٻانهيء آيتِ ڪريمه جو هن کان اڳيون حِصّو پڙھيو:

وَ  اللّٰهُ  یُحِبُّ  الْمُحْسِنِیْنَۚ(۱۳۴)  (پاره4،سورةال عمران:134)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ احسان ڪرڻ وارا الله جا محبوب آهن.

امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: وڃ! تون الله پاڪ جي رضا جي لاءِ آزاد آهين۔ (ابن عساکر، علی بن الحسین، جلد:41، صفحہ:387)

سُبْحٰنَ الله! اهو آهي قرآنِ مجيد تي عمل جو انداز! هيڏانهن قرآن جي تلاوت ٿي، هوڏانهن ان تي عمل ڪيو ويو۔ اسان ڇا ڪيون ٿا؟ الله جي پناھ! الله جي پناھ...! هاڻي اسان جي معاشري ۾ اهڙا نادان به آهن جيڪي اسلام جون ڳالهيون ٻڌي ان کي دَقيانُوسِي (يعني پُراڻيون ڳالهيون) چوَن ٿا ۽ معاذ الله! نالي وارا جِدَّت پسند بڻجن ٿا، الله پاڪ اسان سڀني کي اهڙي ناداني کان ۽ اهڙن نادانن کان هميشه محفوظ رکي۔  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

عمل کا ہو جذبہ عطا یاالٰہی                                     گناہوں سے مجھ کو بچا یااِلٰہی!

ہو اخلاق اچھا، ہو کردار ستھرا                                مجھے متقی تو بنا یاالٰہی!

قرآنِ مجيد جي هڪ آيت تي عمل

اسان وٽ عام طور تي ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهيون ۽ تبصرا ڪندي چوندا آهن: ڪافِر ترقي ڪري ويا، ڪافِر چنڊ تي پهچي ويا، وغيره وغيره۔ جيڪڏهن