Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

طرح تِلاوتِ قرآن به رُوح جي غذا آهي، هن جي بغير به اسان جا ڏينهن نه گذرڻ گھرجن۔

یہی ہے آرزو تعلیم قرآن  عام ہو جائے              تلاوت کرنا صبح و شام میرا کام ہو جائے

 (5-6): قرآنِ مجيد سمجھڻ ۽ ان جي تبليغ ڪرڻ

قرآنِ مجيد جو پنجون ۽ ڇهون حق آهي: قرآنِ مجيد کي سمجھڻ ۽ سمجھي ٻين تائين پهچائڻ۔ حضور جانِ رحمت، شمع بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قرآنِ مجيد جا بيشُمار وصف بيان ڪيا آهن، اُنهن مان هڪ وَصف اهو بيان فرمايو ته اَلْقُرْآنُ حُجَّۃٌ لَکَ اَوْ عَلَیْکَ قرآنِ مجيد دليل آهي، اهو يا ته توهان جي لاءِ دليل ٿيندو يا توهان جي خلاف دليل ٿيندو۔

علّامه قرطبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو شخص قرآن سکي پر ان سان غفلت ڪري قرآن ان جي خِلاف دليل ٿيندو ۽ هن کان وڌيڪ ان شخص جي خِلاف دليل ٿيندو جيڪو قرآنِ مجيد جي حقن ۾ ڪمي ڪري ۽ ان کان جاهل رهي۔ (تفسیر قرطبی، جلد:1، صفحہ:19)

اي عاشقان رسول! قرآنِ مجيد کي سکڻ به لازمي آهي، جيڪڏهن قرآنِ مجيد سکنداسين نه، ته ان تي عمل ڪيئن ڪنداسين ۽ ٻين تائين ڪيئن پهچائينداسين؟

قرآنِ مجيد سکڻ ڪيئن آهي؟ هن کي سمجھڻ ڪيئن آهي؟ هن جي تعليم  عام ڪرڻ ڪيئن آهي؟ هنن سڀني سوالن جو صِرف هڪ ئي جواب آهي: عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي اسان کي قرآن پڙهڻ به سيکاري ٿي، دعوتِ اسلامي اسان کي قرآن سمجھڻ جا ذريعا به فراهم ڪري ٿي ۽ قرآنِ مجيد سمجھي ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي ٻين تائين پهچائڻ جا موقعا به فراهم ڪري ٿي۔