Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

هڪ سال ۾ 1 هزار 95 آيتون، يعني اسان روزانو 15 کان 20 منٽ جي ڪوشش سان اڍائي، 3 سال ۾ پُورو قرآنِ مجيد ٻُڌي، سکي ۽ سمجھي سگھون ٿا۔

پوءِ جيڪو ڪجھ سکيو آهي ان کي ٻين تائين ڪيئن پهچائڻو آهي، هن جو به وڏو آسان طريقو آهي، عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سَفَر ڪريو! اِنْ شَآءَ الله! قرآنِ مجيد جي تعليمات، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنتن تي عمل جو جذبو ماڻڻ سان گڏوگڏ ٻين تائين قرآن وسُنَّت جي تعليم پهچائڻ جو بهترين موقعو نصيب ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ الله پاڪ چاهيو ته دين ودُنيا جون بيشُمار ڀلائيون پڻ ملنديون۔

فلمن ڊرامن جو شيدائي سُڌري ويو

فيصل آباد جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: نمازون قضا ڪرڻ، ڏاڙھي شريف ڪٽائڻ، فلمون ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ منهنجي معمولات ۾ شامِل هو، هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مدني قافلي ۾ سَفر جي دعوت ڏني، ته مان مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس، مدني قافلي ۾ مون کي پنج وقت نماز باجماعت صفِ اَوَّل ۾ ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنتن تي عمل ڪرڻ جو جذبو مليو، ۽ نماز، وُضو، غسل بابت کوڙ ساريون بنيادي ڳالهيون سکڻ نصيب ٿيون، مدني قافلي ۾ مون کي ايترو سڪون نصيب ٿيو جو مون سمورن گُنَاهن کان توبه ڪئي، ڏاڙھي شريف سجائڻ جي پڪي سچي نيت ڪئي ۽ مٿي تي عمامي شريف جو تاج سجائي گھر پهتس۔ هاڻي الحمد لله مان باقي سڄي زندگي نيڪين ۾ گذارڻ جي نيت سان گڏ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جو مُريد ٿي قادري عطاري بڻجي چڪو آهيان۔ (دِلوں کا چین، صفحہ:16)

لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو                               سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو

عِلْم حاصِل کرو، جہل زائِل کرو                            چاہو گر راحتیں قافلے میں چلو

(وسائِلِ بخشش، صفحہ:669)