Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

ڪنهن سندن دل تي تير هنيو هجي، پاڻ اها آيت سڳوري ٻڌي زارو قطار روئڻ لڳا ۽ بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪيائون: مولا! هاڻي تنهنجي راھ تي هلڻ جو وقت اچي ويو آهي۔ (تذکرۃ الاولیاء، صفحہ:61)

 حضرت فضيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان هڪ آيت تي مٿو جهڪايو، ان جا تقاضا پورا ڪيا، توبه ڪيائون، جن ماڻهن جو مال کسيو هو، اهو سڀ واپس موٽائي ڏنو، عِلمِ دين سکيائون، عبادت ۽ رياضت ۾ مَصرُوف ٿيا، پوءِ الله پاڪ سندن کي اهڙو مقام عطا فرمايو جو پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري مِنيٰ شريف ۾ هڪ جبل تي مَوجُود هئا، پاڻ فرمايائون: جيڪڏهن ڪوئي وَلِي الله هن جبل کي حڪم ڏي ته اي جبل ڊگھو ٿي وڃ ته جبل يڪدم ڊگھو ٿي ويندو۔ بَس ايترو چوڻ جي دير هئي جو جبل ڊگھو ٿيڻ شروع ٿي ويو، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اي جبل! رُڪجي وڃ...!! مون تو کي حڪم ناهي ڏنو۔ اهو ٻڌندي ئي جبل يڪدم رڪجي ويو۔ (جامع کرامات اولیاء، صفحہ:664)

چاہیں تو اشاروں سے اپنے کایا ہی پلٹ دیں دنیا کی

یہ شان ہے اُن کے غلاموں کی، سرکار کا عالم کیا ہو گا

اي عاشقان رسول! ڏٺو اوهان! شروع ۾ حضرت فضيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه صِرْف هڪ آيت تي مٿو جهڪايو، پوءِ قرآن ۽ حديث جي تعليم تي عمل ڪيائون ته الله پاڪ ڪيترو بلند رُتبو عطا ڪيو۔ الله پاڪ اسان کي قرآنِ مجيد تي عمل ڪرڻ وارو بڻائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪامِل ۽ اَڪمل زندگي گذارڻ ڪيئن ممڪن آهي؟

اسان مان تقريباً هر هڪ چاهي ٿو ته منهنجي زِندگي چڱي، خوبصورت، بهترين ۽ ڪامِل ۽ اَڪمل ٿي وڃي۔ ٿورو دُنيا جي تاريخ تي نظر وجھو! دُنيا ۾ سڀ کان ڪامِل، سڀ کان اڪمل، سڀ کان سٺي، بهترين ۽ خوب صُورت