Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: نِیَّۃُ الْمُؤْمِنِ خَیْرٌ مِّنْ عَمَلِہٖ مؤمن جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي۔ (بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1)

     اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! رمضان المبارڪ جو آخري عشرو ”عشره جهنم کان آزادي“ شروع ٿي چڪو آهي، افسوس! عنقريب اهو مبارڪ مهمان، ماھِ صيام ۽ ماھِ غفران، ماھِ رمضان المبارڪ جُدائي جو داغ ڏئي اسان کان جُدا ٿي ويندو۔

آخری روزے ہیں دِل  غمناک مُضْطَر جان ہے            حسرتا وا حسرتا اب چل دیا رمضان ہے

روک سکتے ہی نہیں ہائے تجھے اب کیا کریں           سب کو روتا چھوڑ کر تو چل دیا رمضان ہے

 پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ جو اهو آخري عشرو نُزُولِ قرآن جو عشرو آهي، حديثِ پاڪ جي مُطَابِق قرآنِ ڪريم رمضان المبارڪ جي پنجويهين رات نازل ٿيو، انهيء مناسبت سان اڄ اسان اِن شَآءَ الله! ”قرآنِ ڪريم جا حق“ ٻُڌڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔ الله پاڪ اسان کي هن عظيم الشان