Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

وارن، مفتيانِ ڪرام، عالم سڳورن ۽ اولياءِ ڪرام جي لاءِ خالص ٿيڻ ۽ (5): عَامَّتِہِمْ عام مسلمانن جي لاءِ خالِص ٿيڻ جو نالو دين آهي۔ (مُسْلم، کتاب:الایمان، صفحہ:44، حدیث:55)

هن حديثِ پاڪ ۾ نبيءِ رَحْمت، شفيع اُمَّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جا، قرآنِ ڪريم جا، رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ۽ تمام مسلمانن جا حق مختصر طور تي ڪجھ لفظن ۾ بيان ڪري ڇڏيا آهن، ان ڪري عالم سڳورا فرمائن ٿا: اها حديث شريف سڄي دِين جو خُلاصو آهي۔ انهن سمورن حقن مان اڄ اسان جو موضوع صِرف قرآنِ ڪريم جي حقن بابت آهي، عالم سڳورن هن حديثِ پاڪ جي تحت قرآنِ ڪريم جا 6 حق بيان ڪيا آهن:

(1):  قرآن تي ايمان آڻڻ

قرآنِ مجيد جو پهريون حق آهي: ان تي ايمان آڻڻ۔ هتي اها ڳالھ ياد رکو ته الله پاڪ جيترا به ڪتاب نازل ڪيا آهن، جيترا صحيفا نبين سڳورن عَلَيهمُ السَّلَام تي نازِل ڪيا آهن، انهن سڀني تي ئي ايمان آڻڻ هڪ مسلمان تي لازِم آهي، الله پاڪ جي نازِل ڪيل ڪنهن هڪ به ڪتاب جو انڪار ڪفر آهي۔ البت اڳوڻين آسماني ڪتابن تي ايمان آڻڻ ۾ ۽ قرآنِ ڪريم تي ايمان آڻڻ ۾ هڪ فرق آهي، اهو هي ته اڳوڻا جيترا به آسماني ڪتاب آهن، صحيفا آهن، انهن سڀني تي اجمالي ايمان فرض آهي ۽ قرآنِ ڪريم تي تفصيلي ايمان فرض آهي۔ اجمالي ايمان جو مطلب اهو آهي ته الله پاڪ تورات نازِل ڪيو، زبور نازِل ڪيو، انجيل نازِل ڪيو، ان کان عِلاوه انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام تي جيڪي صحيفا نازِل فرمايا اهي سڀ حق آهن، سچ آهن، انهن ۾ جيڪو ڪجھ الله پاڪ نازِل فرمايو، اهو سڀ جو سڀ سچ آهي، سچ آهي ۽ سچ آهي، ها! ماڻهن پنهنجي خواهش سان انهن ۾ جيڪو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، انهن ۾ جيڪي تبديليون ڪيون آهن، اهي باطِل آهن۔ جڏهن ته قرآنِ ڪريم تي تفصيلي ايمان لازِمي آهي، يعني اَلحَمدُ جي الف کان وٺي وَالنَّاسُ جي سين تائين قرآنِ ڪريم جو