Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکوٰۃ،ایمان کی کتاب، کتاب وسُنت کو مضبوط تھامنے کا باب، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

”سچ ڳالهائڻ سُنَّتِ“ مصطفيٰ  آهي 

ٻه ۲ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): سچ ڳالهائڻ نيڪي آهي ۽ نيڪي جنت ۾ وٺي ويندي آهي (مسلم،کتاب: الادب،صفحہ: 1405، حدیث: 2607) (2): رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پڇيو ويو: جنتي عمل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: سچ ڳالهائڻ۔ (امام احمد بن حنبل، جلد: 2، صفحہ:589، حدیث:6652)

اي عاشقانِ رسول!سچ ڳالهائڻ سُنّتِ مصطفيٰ“ آهي * اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه سچ ڳالهيندا هئا * انهيء ڪري ماڻهو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي صادق ۽ امين جي لقب سان سڃاڻندا هئا * حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنْه اڃا ايمان نه آندو هو جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسندي ئي پڪاريائون: : وَجْھُہٗ لَیْسَ بِوَجْہِ کَذَّابٍ اهو مبارڪ چهرو ڪوڙ ڳالهائڻ واري جو چهرو ناهي ، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه اسلام قبول ڪري ورتو۔

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪوڙ ڳالهائڻ گُنَاھ آهي، اسان کي سُنّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي عمل ڪندي هميشه سچ ئي ڳالهائڻو آهي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي هميشه سچ ڳالهائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد