Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

ڪري رهيو آهي، قرآن فرمائي ٿو:

لَّعْنَتَ اللّٰهِ عَلَى الْكٰذِبِیْنَ(۶۱)  (پاره 3، سورة اٰل عمران:61)    

ترجمو ڪنز الايمان: الله جي لعنت ڪوڙن تي.

جيڪڏهن اهو شخص ڪوڙ ڳالهائي ٿو ته اها لعنت يقيناً ان تي به ايندي، * قرآن فرمائي ٿو:

وَ اللّٰهُ لَا یَهْدِی الْقَوْمَ الظّٰلِمِیْنَ(۸۶)  (پاره3،سورةاٰل عمران:86)            

ترجموڪنزالايمان: ۽الله ظالمن کي هدايت نه ڪندو آهي.

جيڪڏهن اهو تلاوت ڪرڻ وارو پاڻ ظالم آهي، ٻين جا حق ڦٻائڻ وارو آهي ته اها وعيد ان ڏانهن پڻ ايندي، * قرآنِ مجيد بي نمازيءَ جون سزائون بيان فرمائي ٿو، جيڪڏهن اهو تلاوت ڪرڻ وارو به بي نمازي آهي ته اهي سموريون وعيدون ان ڏانهن به موٽي اينديون۔

مَعلُوم ٿيو ته قرآنِ مجيد تي ايمان رکڻ، ان سان محبت ڪرڻ سان گڏوگڏ ان تي عمل ڪرڻ به لازِم ۽ ضروري آهي۔

صحابه ڪرام جو قرآنِ مجيد تي عمل جو جذبو

حضرت امام زَينُ العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْه جا شهزادا آهن، هڪ ڀيري سندن ڪنيز (ٻانهيء) پاڻ کي وُضو ڪرائي رهي هئي۔

اڳوڻي دَور ۾ ٻانهين ۽ غلامن جو باقاعده وڪرو ٿيندو هو، انهن ٻانهين کان پردو فرض نه هو ته امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ٻانهيء پاڻ کي وُضُو ڪرائي رهي هئي، اوچتو ان جي هٿان ٿانءُ (ڪوئنرو وغيره) ڪري پيو ۽ امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي چهري تي لڳو، چهرو زخمي ٿي پيو۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه مٿو کڻي ڏٺائون ته ٻانهيءَ قرآنِ مجيد جي اها آيت پڙھي:

وَ  الْكٰظِمِیْنَ  الْغَیْظَ   (پاره4،سورةال عمران:134)

ترجمو ڪنز الايمان:  ۽ ڪاوڙ کائڻ وارا