Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

طور تي پنهنجي لاءِ ڪتابِ هدايت تسليم به ڪريون۔ صحابي رسول، حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اِنَّ الْقُرْآنُ شَافِعٌ وَمُشَفَّع قرآن ڪريم شفاعت ڪرڻ وارو آهي ۽ ان جي شفاعت قبول به ڪئي ويندي فَمَنْ جَعَلَہٗ اَمَامَہٗ قَادَّہٗ اِلَی الْجَنَّۃِ جيڪو قرآنِ ڪريم کي پنهنجو امام ۽ پيشوا بنائيندو، قرآن مجيد ان کي جَنّت ۾ وٺي ويندو وَمَنْ جَعَلَہٗ خَلْفَہٗ سَاقَّہٗ اِلَی النَّار ۽ جيڪو قرآنِ ڪريم کي ڇڏي ڏيندو، (يعني عمل نه ڪندو) قرآنِ ڪريم ان کي جهنّم ۾ ڌڪي ڇڏيندو۔ (مُصَنَّف عَبْدُ الرَّزَاق، باب: تعلیم القران، جلد:3، صفحہ:229، حدیث:6030)

تنهنڪري  قرآنِ ڪريم تي ايمان آڻڻ جو اهو تقاضو آهي ته اسان پنهنجي زِندگي جي هر شعبي ۾، هر مسئلي ۾ ۽ هر مرحلي تي قرآنِ ڪريم کي پنهنجو امام ۽ پيشوا بڻايون۔

گَرْ تُومِی خَواہِی مُسَلْمَاں زِیْسْتَنْ                                                                    نَیْسْت مُمْکِنْ جُزْ بَہ قُرْآں زِیْسْتَنْ

 

ترجمو: جيڪڏهن مسلمان بڻجي زندگي گذارڻ چاهيو ٿا ته بغير قرآن جي ايئن هر گز ممڪن نه آهي۔

”وليد بن يزيد“ جي گستاخي ۽ انجام

خِلافتِ بنو اُمَيه جو هڪ بادشاھ گذريو آهي: وليد بِن يزيد۔ انتهائي سرڪش ۽ بيباڪ هو۔ حديثِ پاڪ ۾ ارشاد ٿيو: منهنجي اُمَّت ۾ وليد نالي هڪ شخص ٿيندو جيڪو فرعون کان به وڌيڪ سرڪش هوندو۔ عالم سڳورا هن حديثِ پاڪ مان اهو ئي وليد بن يزيد مُراد ورتو آهي۔ هڪ ڀيري وليد بن يزيد قرآنِ ڪريم مان فال ڪڍي۔ ياد رهي قرآنِ ڪريم مان فال ڪڍڻ ناجائز آهي۔ قرآن مجيد فال ڪڍڻ جي لاءِ ناهي بلڪ هدايت جي لاءِ نازِل ٿيو آهي پر وليد بدبخت اڳ ۾ ئي سرڪش هو، ان کي جائِز ۽ ناجائِز جي ڪابه پرواھ نه هئي! ان فال ڪڍي ته