Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

ڪتاب جي قدر ڪرڻ، ان جي خُوب تلاوت ڪرڻ، هن مان هدايت وٺڻ ۽ هن جو نور پنهنجي سيني ۾ لاهڻ جي توفيق عطا فرمائي۔    اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

سڄي دِين جو خلاصو

حضرت تميم بِن اَوس داري رَضِىَ اللهُ عَنْه صحابي سڳورا آهن، 9 هجري ۾ ايمان قبول ڪري دائرهءِ اسلام ۾ داخِل ٿيا، وڏا متقي پرهيزگار ۽ عبادت گذار هئا، هڪ رات تهجد نماز ادا نه ڪري سگھيا، ته ان جي ڪفاري ۾ سڄو سال ڪونه سُتا، سڄي رات عبادت ڪندا هئا، هڪ رڪعت ۾ سڄو قرآن ختم ڪندا هئا، ڪڏهن هڪ ئي آيت هر هر پڙھندا رهندا هئا، ايستائين جو صبح ٿي ويندي هئي، مسجدِ نبوي شريف ۾ سڀ کان پهريان چراغ روشن ڪرڻ جي سعادت سندن ئي کي نصيب ٿي۔ حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتاب ”مسلم شريف“ ۾ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، اسان بيڪسن جي مددگار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلدِّينُ النَّصِيحَة دِين نصيحت آهي۔

عام چوڻي مطابق ڪنهن کي چڱي ڳالھ جي تلقين ڪرڻ جو نالو نصيحت آهي پر هن حديثِ پاڪ ۾ لفظ ”نصيحت“ عربي لغت جي اعتبار سان استعمال ٿيو آهي، عربي لغت ۾ ”نصيحت“ جي معني ٿيندي آهي: خالص هئڻ يا خالص ڪرڻ، ايئن حديثِ پاڪ جي معني ٿيندي: دِين خالص ٿيڻ جو نالو آهي۔ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوان جن عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪنهن جي لاءِ خالِص ٿيڻ جو نالو دِين آهي؟ ان جي جواب ۾ نبيءِ رَحمت، شفيعِ اُمَّت
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 5 ڳالهيون بيان ڪيون آهن، ارشاد فرمايو: (1): لِلّٰہِ الله پاڪ جي لاءِ خالص ٿيڻ (2): وَلِکِتَابِہٖ ۽ الله پاڪ جي ڪتاب جي لاءِ خالص ٿيڻ (3): وَلِرَسُوْلِہٖ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ خالِص ٿيڻ (4): وَلِاَئِمَّة الْمُسْلِمِينَ مسلمانن جي امامن يعني قرآن ۽ سُنَّت جي مُطَابِق خلافت ۽ حڪومت جا فرائض انجام ڏيڻ