Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

حقيقت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ته اَصل ۾ ترقي ڪافِرن ناهي ڪئي، بلڪ اسان پوئتي رهجي ويا آهيون۔ هن ڳالھ کي هڪ مثال ذريعي سمجھو! هڪ شخص ڪار هلائي رهيو هو ۽ ٻيو موٽر سائيڪل تي سوار هو ته يقيناً ڪار جي رفتار گھڻي هوندي آهي، تنهنڪري ڪار اڳتي نڪري ويندي پر جيڪڏهن اهو ڪار وارو ڪار 40 جي اسپيڊ تي هلائي رهيو هجي ۽ موٽر سائيڪل وارو 80 جي رفتار سان وڃي رهيو هجي ته يقيناً موٽر سائيڪل وارو اڳتي نڪري ويندو۔ هاڻي اسان ڇا چونداسين؟ موٽر سائيڪل ڪار کان وڌيڪ تيز رفتار آهي؟ نه...!! بلڪ اسان چونداسين ته تيز رفتار ته ڪار ئي آهي پر ڪار واري پاڻ وٽ موجود سهولتن کي استعمال ڪرڻ ۾ سستي سان ڪم ورتو آهي.

 اهو ئي حال اسان جو به آهي، 100 فيصد يقيني ترقي جا، ڪاميابي جا، رفعت ۽ بلندي جا جيڪي سبب ۽ ذريعا مسلمانن وٽ آهن، دُنيا جي ٻي ڪنهن قوم وٽ نه آهن، پر مسئلو اهو آهي ته اسان اهي ذريعا غلاف ۾ ويڙهي الماڙي جي زينت بڻائي ڇڏيا آهن۔

حضرت فضيل بِن عياض رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا الله جا ولي ٿي گذريا آهن، توبه کان پهريان پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا ڌاڙيل هئا ۽ واقعي خوفناڪ ڌاڙيل هئا، ماڻهو سندن نالي کان ڊڄندا هئا، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قرآنِ مجيد جي صِرف هڪ آيت تي عمل ڪيو، هڪ ڏينهن پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ قافلي ڏانهن وڌيا، قافلي ۾ هڪ شخص قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪري رهيو هو، ان سيپاري 27 ، سُورَة الْحَدِيد جي آيت: 16 پڙھي:

اَلَمْ یَاْنِ لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَنْ تَخْشَعَ قُلُوْبُهُمْ لِذِكْرِ اللّٰهِ  (پاره27،سورةالحديد:16)    

ترجمو ڪنز الايمان: ڇا اِيمان وارن جي واسطي اڃان اهو وقت نه آيو جو انهن جون دليون جهڪي وڃن الله جي ياد جي واسطي.

اها آيت ٻڌندي ئي حضرت فضيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو حال اهڙو ٿي ويو جو جيئن