Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

رُوحاني سير) نه صِرْف پاڻ ڪندا هئا، بلڪه پنهنجي نگاھ فيض سان ٻين کي ان سَفر جي لائق به بڻائيندا هئا۔

اَہْلِ سُنَّت کا چمن سرسبز تھا، شاداب تھا             تازگی تُو اَور لایا اے امام احمد رضا

خشر تک جاری رہے گا فیض مُرْشِد آپ کا           فیض کا دریا بہایا اے امام احمد رضا

اے امامِ اہلسنت، نائِبِ شاہِ اُمَم                      کیجئے ہم پر بھی سایہ اے امام احمدرضا

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو بطور ڪرامت سَفر

هيسيتائين ته هو سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو سَفَر بِالقَلب يعني روحاني طور تي زمين ۽ آسمان جو سَفر ڪرڻ جو بيان۔ هاڻي اچو! سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سَفر بِالبَدَن يعني جسماني سَفر جو حال ٻُڌون ٿا۔

سرڪار اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو جسماني سَفَر به ٻن قسمن جو آهي: هڪ آهي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو جسماني طور تي بطور ڪرامت سَفر ڪرڻ، اهو سَفر اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هر جمعرات جو ڪندا هئا۔ شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرت مولانا حميد الرحمٰن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون فضيلتون بيان ڪندي فرمايائون: مان انهن ڏينهن ۾ ننڍو ٻار هيس ۽ مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مون سان به، ۽ هر ننڍي ٻار سان ”اوهان“ چئي ڪري گفتگو فرمائيندا هئا. ڇڙٻون ڏيڻ، دڙڪا ڏيڻ ۽ تون تون، سندن مزاج مبارڪ ۾ نه هو . هڪ ڀيري خميس جي ڏينهن مان بريلي شريف ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گهر ۾ حاضر هيس ته هڪ شخص ساڻس ملاقات لاءِ آيو، ۽ اهو وقت عام ملاقات جو نه هو، پر هو ملڻ لاءِ اِصرار ڪري رهيو هو نيٺ مان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خاص ڪمري ۾ پيغام ڏيڻ لاءِ هليو ويس، پر ڪمري ۾ ته ڇا پوري گهر ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪٿي به مون کي نظر نه آيا. اسان حيران هئاسين ته آخر ڪيڏانهن تشريف کڻي