Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

جو ڈوبی تھی کشتی وہ دَم میں نکالی                           تجھے ایسی قُدْرت ملی غوثِ اعظم

تباہی سے ناؤ ہماری بچادو                                  ہوائے مخالف چلی غوثِ اعظم

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 اي عاشقانِ رسول! سفر دوران مشڪل پيش اچي ته اَولياءِ ڪرام جي پاڪ بارگاھ مان مدد طلب ڪرڻ جو حڪم حديثِ پاڪ ۾ ڏنو ويو آهي، لهٰذا سَفَر ڊگھو هجي يا ٿورو، * گاڏي پنچر ٿي وڃي، * اوچتو پٽرول ختم ٿي وڃي، * گاڏي گرم ٿي وڃي ۽ قريب پاڻي به نه مِلي رهيو هجي يا ڪا ٻي مشڪل پيش اچي ته اسان کي به گھرجي ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گھرون، پنهنجي آقا وموليٰ، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ مدد جي درخواست به ڪيون ۽ حديثِ پاڪ تي عمل ڪندي اَولياءِ ڪرام جي خِدمت ۾ به التجائون ڪيون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي سَفر و حَضَر جي مشڪلاتن کان محفوظ فرمائي ۽ هر حال ۾ اَولياءِ ڪرام جو فيضان نصيب فرمائي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

سفر دوران مزاراتِ اَولياء  تي حاضِري

حُجَّة الاِسلام حضرت سيدنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇهين صدي هجري جا تمام وڏا وَلِيُ الله ۽ وڏي مرتبي وارا عالِم دِين آهن، سندن سفر جي آداب مان هڪ اَدَب اهو به ارشاد فرمايو آهي ته ”سفر دوران جنهن شهر ۾ پهچو، اتي اَولياءِ ڪرام جا مزارات هجن ته برڪت جي لاءِ اتي حاضِري به ڏني وڃي، ان شهر ۾ عُلَماءِ ڪرام، مشائِخ موجود هجن ته اُنهن جي خدمت ۾ حاضِر ٿي انهن کان فيض به ورتو وڃي۔“ (کیمیائے سعادت، صفحہ:343)

سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سفر جي معمولات ۾ اهو اَدب به شامِل هو، پاڻ جتي ويندا هئا، جيڪڏهن اُتي ڪا مزار شريف هوندي هئي ته لازمي اتي ويندا هئا ۽ وَلِي الله جي لاءِ فاتحه خواني ڪندا هئا۔