Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

هيڏانهن مؤذن ”حَي عَلَي الۡفَلَاح“ چئي ۽ هوڏانهن امامِ اهلسنت، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مبارڪ رُوح جسم مقدس مان جُدا ٿيو ۽ پاڻ هن فاني دُنيا مان انتقال فرمايائون۔ اِنّا لِلّٰہِ وَاِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن ۔ سندن مزار پُرانوار بريلي شريف ۾ آهي۔

احمد رضا کا تازہ گلستاں ہے آج بھی                  خورشیدِ عِلْم اُن کا درخشاں ہے آج بھی

                                                                                         عرصہ ہوا وہ مردِ مُجَاہِد چلا گیا                                    سینوں میں ایک سوزشِ پنہاں ہے آج بھی

سب اُن سے جلنے والوں کے گُل ہو گئے چراغ                            اَحْمَد رضا کی شمع فروزاں ہے آج بھی

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن ته 10 شَوَّالُ المڪرم سيدي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو يومِ وِلادَت آهي، انهيء مناسبت سان اڄ اسان ذِڪرِ اعليٰ حضرت ڪندي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اندازِ سَفَر بابت ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين۔

صُوفي سڳورن وٽ سَفر جون قسمون

حُجَة الاسلام، امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سَفر ٻن قسمن جو آهي: هڪ آهي: سَفَر بِالقَلب (يعني باطني طَور تي سَفر ڪرڻ) ۽ ٻيو آهي: سَفَر بِالۡبَدَن (يعني جسماني طور تي) سَفَر ڪرڻ۔ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مزيد فرمائن ٿا: الله پاڪ جي خاص ٻانهن جو سَفر اهو ئي آهي ته هو جسماني طور تي ته گھر ئي ۾ تشريف فرما هوندا آهن پر دِل سان آسمان ۽ زمين ۾ گھمنڦرن ٿا، سَير وسَياحت ڪن ٿا ۽ الله پاڪ جي قدرتن جا نظارا ڪن ٿا۔ (کیمیائے سعادت، ساتویں اصل، صفحہ:335بتغیر قلیل)

عام طور تي اَولياءِ ڪرام اهڙي قسم جو سَفر ڪن ٿا ۽ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به سَفر بِالبَدَن (يعني جسماني طَور تي سَفَر) تمام گھٽ ڪندا هئا، ها! سندن سَفَر بِالْقَلْب (يعني روحاني سَفَر) وڏي ڪمال جو هو۔