Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

خوشبو لڳائڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

فرمانِ آخري نبيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جنهن الله پاڪ جي رضا جي لاءِ خوشبو لڳائي ته قيامت جي ڏينهن هو ان حال ۾ ايندو جو ان جي مهڪ ڪستوري   کان به وڌيڪ خوشبودار هوندي۔ (مُصَنِّف عَبْدُ الرَّزاق، کتاب:الصیام، باب: المرآۃ تصلی، جلد:4، صفحہ:247، حدیث:7963)

اي عاشقانِ رسول! خوشبو لڳائڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي * بيشڪ اسان جي آقا ۽ موليٰ مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي دُنياوي ظاهري خوشبوئن جي حاجت نه هئي ڇوته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ خود نهايت خوشبو دار هئا، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ پگھر جهڙي خوشبو دُنيا ۾ ڪٿي نه آهي، جتان کان پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ لنگھندا هئا، اهي راهون پڻ مهڪي وينديون هيون، ان جي باوُجُود به اسان غُلامن جي تعليم جي لاءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوشبو استعمال ڪندا هئا ۽ خوشبو کي گھڻو پسند ڪندا هئا * رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ عالي ۾ خوشبو جو تحفو پيش ڪيو ويندو هو ته ان کي واپس نه موٽائيندا هئا، بلڪه فرمائيندا هئا: خوشبو جو تحفو واپس نه موٽائي ڏيو! ڇوته خوشبو جنّت مان نڪتي آهي۔ (شمائل محمدیہ، صفحہ:346، حدیث:221) * حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ هڪ خاص قسم جي خوشبو هئي جنهن کي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ استعمال ڪندا هئا. (ابو داؤد، کتاب:التَّرَجُّل، صفحہ:653، حدیث:4162) * رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ”مشڪ و عنبر“ جي خوشبو استعمال ڪندا هئا ۽ ”مشڪ“ سرِ اقدس جي مقدس وارن ۾ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ لڳائيندا هئا۔ (وَسَائل الوصُول الی شمائل الرَّسُول، الفصل: الخامس، صفحہ:37)

جس گلی سے تُو گزرتا ہے مرے جانِ جِناں                   ذَرَّہ ذَرَّہ تِری خوشبو سے بَسا ہوتا ہے

کب گُلِ طیبہ کی خوشبو سےبسیں گے دل و جاں             دیکھئے کب کرمِ بادِ صبا ہوتا ہے

(سامانِ بخشش، صفحہ:177)