Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

اي عاشقانِ رسول! اڄ اسان راھ خُدا ۾ رِضاءِ الٰهي جي لاءِ سفر ڪرڻ جا ڪجھ فائدا ٻُڌا، سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سفر جو انداز ڪهڙو هو، هن بابت پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرتِ مبارڪه جا ڪجھ پهلو ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪئي، سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سفر ۾ به نماز جو پُورو پُورو اِهتمام ڪندا هئا، هميشه باجماعت نماز ادا ڪندا هئا، ۽ وڌيڪ اهو ته سَفر ۾ به اَوراد ووَظائِف پابندي سان پڙھندا هئا، سَفر جون دُعائون پڙھندا هئا، ڪا مشڪل پيش ايندي هئي ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گھرندا هئا، سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ استغاثو پيش ڪندا هئا، اَولياءِ ڪرام خاص ڪري سرڪار غوث اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ مان مدد طلب ڪندا هئا ۽ راھ ۾ اَولياءِ ڪرام جا مزار ايندا ها ته اتي به خصوصيت سان ويندا هئا۔

سَفَر بابت اَولياءِ ڪرام جا اَقوال

لهٰذا اسان کي به گھرجي ته الله پاڪ جي رضا ماڻڻ جي لاءِ، پنهنجي اِصلاح جي لاءِ، عِلمِ دين سکڻ سيکارڻ جي لاءِ، خدمتِ دِين جي لاءِ، الله پاڪ جي قُدرت جون نشانيون ڏسڻ ۽ انهن جي ذريعي الله پاڪ جي مَعْرِفت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ راھ خُدا ۾ سٺين سٺين نيتن سان سَفَر ڪريون۔ حضرت مالِڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام ڏانهن وحي فرمائي ته اي موسيٰ! لوھ جا جوتا ٺهرايو، لوھ جي لٺ ٺهرايو، پوءِ قُدرَت جون نشانيون ڏسڻ ۽ عِبرَت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ زمين ۾ سَفر ڪندا رهو ايستائين جو جوتا ڦاٽي پون ۽ لٺ ٽٽي پوي۔ (رسالہ قشیریہ، صفحہ:503)

عِلۡمِ تصوف جي مشهور ڪتَاب ”رساله قُشَيرِيه“ ۾ آهي: هڪ الله واري جي بارگاھ ۾ ڪنهن عرض ڪيو: سائين! مون کي نصيحت فرمايو! ارشاد فرمايائون: ڪوشش ڪيو ته هر رات مسجد ۾ الله پاڪ جا مهمان بڻجو! ۽ (هميشه راھ خُدا ۾ سَفَر ڪندا رهو، ايستائين جو) توهان کي ٻن منزلن جي وچ ۾