Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

لاءِ سَفر به فرض آهي، قبرن جي زيارت جي لاءِ سَفر سُنّت آهي، جيئن حضور
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مدينه منوره مان سَفر ڪري مقامِ اَبواء ۾ پنهنجي والده ماجده (سيده آمنه رَضِىَ اللهُ عَنْها) جي قبر (مبارڪ) تي تشريف وٺي ويا۔

مفتي صاحب وڌيڪ فرمائن ٿا: الله تَعَاليٰ جو قهر ڏسڻ جي لاءِ، رب پاڪ جو خوف دِل ۾ پيدا ڪرڻ جي لاءِ عذاب وارن هنڌن تي (مثال طور جتي ڪافرن جي اُجڙيل گھرن جا نشان آهن، اتي عبرت جي لاءِ) سَفر ڪرڻ بهتر آهي، اهڙي طرح ربّ جي رحمت ڏسڻ، ان مان اُمِّيد رکڻ جي لاءِ بزرگن، مقبولن جي بارگاهن تي حاضِري ڏيڻ به بهتر آهي، ڇوته اتي جي حاضِري سان ايمان ۾ قُوَّت، اطاعتِ الٰهي جو شوق پيدا ٿيندو آهي۔ (تفسیر نعیمی، پارہ:20، العنکبوت، تحت الآیۃ:20، جلد:7، صفحہ:250)

صُوفِي سڳورن وٽ معتبر سفر

هتي اهو خيال رهي ته کوڙ سارا ماڻهو رڳو سير و تفريح جي لاءِ خوبصُورت شهرن، تفريح گاهن وغيره ڏانهن سَفر ڪندا آهن، اهو سفر به جيتوڻيڪ سَفر ئي آهي، جيڪڏهن شرط موجود هجن ته اهڙي سَفر ۾ به نماز قصر ئي پڙھي ويندي، مثال طور جيڪڏهن ڪو شخص رڳو سير وتفريح جي لاءِ 92 ڪلوميٽر يا ان کان وڌيڪ سَفر ڪري ۽ جنهن جڳھ ڏانهن وڃڻو آهي، اتي 15 ڏينهن کان گھٽ ترسڻ جو ارادو آهي ته اهو شخص به ظهر، عصر ۽ عشاء جون فرض رڪعتون 4 جي بدران 2 پڙھندو ۽ باقي نماز بدستور پُوري پڙھي ويندي۔

البت اولياءِ ڪرام، صُوفي سڳورن وٽ اهڙي رڳو سير وتفريح تي مشتمل سَفر جي ڪا حيثيت نه آهي، سَفر جي بنيادي آداب مان آهي ته جڏهن ڪو شخص پنهنجي گھران روانو ٿئي ته اهو تصور ڪري ته اڄ مان هن گھر مان پنهنجي پيرن تي هلي وڃي رهيو آهيان، عنقريب مون کي ڪفن پارائي کٽ تي چار ماڻهو ڪلهن تي کڻي ويندا، يعني ان موقعي تي به ٻانهو موت جو تَصَوُّر ڪري