Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

معاملي ۾ به وڏا پابند هئا، سفر دوران به پابندي سان ورد وظيفا پڙهندا هئا، ايستائين جو جڏهن ٽرين تان لهي اسٽيشن ئي تي نماز ادا ڪندا هئا ته اهي وظيفا جيڪي فرضن کان پوءِ پهلو بدلي بغير پڙھڻا هوندا آهن، اهي به پابندي سان پڙهندا هئا، پوءِ دُعا ڪري ٽرين ۾ سُوار ٿيندا هئا۔

هڪ ڀيري اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پيلي ڀيت مان صبح جي وقت واپسي ٿي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اسٽيشن تي ئي حاجي ڪفايتُ الله صاحب کان وظيفن واري صندوقچي(ننڍي پيتي) طلب فرمائي، ڪنهن يڪدم اِنتظار گاھ (Waiting Room) مان آرام دِه ڪرسي کڻي حاضِر ڪئي، ان ڪرسي کي ڏسي فرمايائون: اها ته وڏي متڪبراڻي ڪرسي آهي، پوءِ ان ڪرسي جي مٿان بنا ٽيڪ لڳائي ويهي وظيفه پڙھيا۔ (فیضان اعلیٰ حضرت، صفحہ:198) سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ اسان کي به اَوراد وظائِف جي پابندي ۽ نيڪين تي اهڙي استقامت عطا فرمائي۔

سفر دوران مسنون دُعائون پڙھڻ

سفر دوران سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ خاص معمول اهو به هو ته سَفر ۽ سَفر جي دوران جون جيڪي دُعائون حديثن ۾ بيان ٿيون آهن، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پابندي سان ۽ ڪثرت سان اهي دُعائون پڙهندا هئا، ۽ ان سان گڏ هڪ خاص ڳالھ اها به هئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن دُعائن تي وڏو پختو يقين به رکندا هئا۔

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پهريون ڀيرو پنهنجي والدين سان گڏ حج جي لاءِ ويا هئا، ان وقت سندن عمر مبارڪ 22 سال ۽ ڪجھ مهينا هئي، اهو سَفر جيئن ته بحري جهاز جي ذريعي ٿيو هو، واپسي تي سمنڊ ۾ 3 ڏينهن تائين شديد طوفان آيو، ايترو سخت طوفان هو جو ماڻهو نااميد ٿي ويهي رهيا ۽ ڪن ته ڪفن پڻ پائي ورتا هئا۔ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ان وقت والِده ماجِده جي بي چيني ڏسي، امڙ سائڻ جي تسڪين جي لاءِ اوچتو منهنجي زبان مان نڪتو: اوهان اطمينان رکو، خُدا جو قسم! اهو جهاز ڪونه ٻڏندو۔