Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

اي عاشقانِ رسول! حقيقت ۾ اهو سَفر ئي اهو آهي جنهن جي ترغيب بيان ڪيل آيت ۾ ڏني وئي آهي، اهڙن ئي سَفر بابت صُوفي سڳورا فرمائن ٿا: زمين گهمڻ، قُدرتِ الٰهي جي نشانين ۾ غور ڪرڻ به الله پاڪ جي مَعرفت حاصِل ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي بلڪه شيخ شهاب الدين سهروردي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اڪثر هيئن ٿيندو آهي ته مُبتدي (يعني جيڪو شخص نئون نئون مُرِيد ٿيو ۽ صُوفي سڳورن جي رستي تي جنهن هلڻ شُرُوع ڪيو آهي، ان) جي نفس تي سَفر جو اَثر اهڙو ٿيندو آهي جهڙي طرح نماز، روزي ۽ تهجد جو اَثَر ٿيندو آهي، جهڙي طرح نَفل عِبَادت ڪرڻ وارو غفلت مان نڪري قُربِ الٰهي ڏانهن وڌندو آهي، اهڙي طرح صِرف رِضاءِ الٰهي جي لاءِ سٺي نيت سان سَفر ڪرڻ وارو به قربِ الٰهي ڏانهن وڌي رهيو هوندو آهي۔ (عَوارِفُ المعَارفْ، باب:16، صفحہ:275بتغیر قلیل)

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اندازِ سَفَر 

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا آقا، امامِ اهلسنت، عَظِيمُ البرڪت، عظيم المرتبت، پروانهءِ شمع رسالت، عالِمِ شريعت، پير طريقت، مجددِ دِين وملت، باعِثِ خير وبرڪت، مولانا، الحاج، الحافِظ، القارِي الشاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پوئين صدي جا تمام وڏا ڪامل ولي، عاشِقِ رسُول، حافِظ، قارِي، پنهنجي دَور جا سڀ کان وڏا عالِم، مفتي، مُفَسِّر، مُحَدِّث آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 10 شَوَّالُ المڪرم، 1272 سِنِ هجري، بمطابق 14 جون، 1856ء تي ڇنڇر جي ڏينهن ظُهر جي وقت هِند جي شهر بريلي شريف ۾ پيدا ٿيا، 13 سال جي عُمر مبارڪ ۾ عُلُومِ دينيه حاصِل ڪري فارِغُ التحصيل ٿيا ۽ 13 سال ئي جي عمر مبارڪ ۾ پهرين فتويٰ ڏني، ان کان پوءِ سڄي عُمر دِين جي خدمت ڪندي، عشقِ رسول جا جام پيئاريندي، شريعت و سُنّت تي عمل ڪندي، قرآن وسُنّت جو پيغام عام ڪندي 25 صَفَرُ المُظَفَّر، 1340 سِنِ هجري، بمطابق 1921ء تي جمعة المبارڪ جي ڏينهن هِند جي وقت مطابق 2 لڳي 38 منٽ تي عين اذان جي وقت،