Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

ويا. انهيءَ سوچ ۾ سڀئي بيٺا هئاسين ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اوچتو پنهنجي خاص ڪمري مان ٻاهر نڪتا. سڀ حيران ٿي ويا ۽ پڇڻ لڳا ته جڏهن اسان توهان کي ڳوليو ته توهان ڪٿي به نظر نه آيؤ. پر هاڻي اوهان پنهنجي ئي ڪمري مان ٻاهر تشريف کڻي آيا آهيو ان ۾ ڪهڙو راز آهي؟ ماڻهن جي تمام گهڻي اصرار ڪرڻ تي ارشاد فرمايائون؛ ”اَلحَمدُلله مان هر خميس تي هن وقت پنهنجي هن ئي ڪمري مان بريلي کان مديني پاڪ جي حاضري ڏيندو آهيان۔ (بریلی سے مدینہ، صفحہ:1-3)

غم مصطفےٰ جس کے سینے میں ہے                       گو جہاں بھی رہے وہ مدینے میں ہے

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سَفر بابت اَولياءِ ڪرام جو معمول

  پيارا اسلامي ڀائرو! جيستائين ڳالھ آهي ڪرامت کان علاوه جسماني طَور تي سَفر ڪرڻ جي ته هن باري ۾ اَولياءِ ڪرام جا مختلف معمولات آهن، ڪي ولي سڳورا مثال طور حضرت ابوعبد الله مغربي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، حضرت ابراهيم بن اَدھم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وغيره رِضاءِ الٰهي جي لاءِ سَفر ڪرڻ کي گھڻو پسند ڪندا هئا ۽ ڪي اَولياءِ ڪرام جيئن سَيدُ الطَّائِفَه حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، حضرت سَهل بن عبد الله تُسۡتَري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، اهڙي طرح حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وغيره سَفَر جي نسبت اِقامت (يعني سَفَر نه ڪرڻ) کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا، اهي اَولياءِ ڪرام اَهم ديني ضرورت مثال طور حج وغيره کان عِلاوه عام طور تي گھر ۾ ئي تشريف فرما رهندا هئا۔ (رسالہ قشیریہ، صفحہ:501بتقدم و تأخر)

اسان جي آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو به اهو ئي طريقو هو، پاڻ به سفر جي بدران اِقَامت (يعني سَفَر نه ڪرڻ) کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا۔ سندن خليفه، حضرت ظفر الدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو سَفر عدم جي حڪم ۾ هو، يعني پاڻ تمام گھٽ سَفر ڪندا هئا۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ